اسلام آباد – 08 – فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته اهڙا پبلڪ سيڪٽر انٽرپرائيزز جنهن جي نجڪار?? جي سفارش نجڪاري بورڊ ڪئي آهي انهن جي نجڪار?? جي عمل کي تيز بڻ??يو وڃي، نجڪار?? جي عمل ۾ شفافيت اولين ترجيح هجڻ گهرجي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پبلڪ سيڪٽر انٽر پرائيزز جي نجڪار?? جي حوالي سان اهم جائزه اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ پبلڪ سيڪٽر انٽر پرائيزز جي نجڪار?? جي عمل جي رفتار جو جائزو ورتو ويو. اجلاس ۾ شرڪت ڪندڙن سان ڳالهائيندي وزيراعظم چيو ته حڪومت پبلڪ سيڪٽر انٽرپرائيزز جي نجڪار?? جي عمل جي حوصلا افزائي ڪري ٿي. هن هدايت ڪئي ته اهڙا پبلڪ سيڪٽر انٽرپرائيزز جن جي نجڪار?? جي سفارش نجڪاري بورڊ آهي انهن جي نجڪار?? جي عمل کي تيز بڻ??يو وڃي. جڏهن ته ان عمل کي شفاف انداز ۽ انٽرنيشنل بيسٽ پريڪٽسز جي روشني ۾ مڪمل ڪيو وڃي. اجلاس ۾ نا??ي واري وفاقي وزير سينيٽر اسحاق ڊار، توانائي واري وفاقي وزير انجنيئر خرم دستگير خان?? وزيراعظم جي صلاحڪار احد چيما، پيٽروليم واري مملڪتي وزير مصدق ملڪ?? وزيراعظم جي خصوصي صلاحڪار محمد جهانزيب خان ۽ لاڳاپيل اعليٰ سرڪاري آفيسرن شرڪت ڪئي.