اسلام آباد – 02 – آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ س??لنگي چيو آهي ته چونڊون منعقد ڪرائڻ جي ذميواري اليڪشن ڪميشن جي آهي، اسان اليڪشن ڪميشن جي مدد ڪرڻ جا ذميوار آهيُون، مو??انا فضل الرحمان وڏي پارٽي جو اڳواڻ آهي، سندس بيان جو مناس?? جواب اليڪشن ڪميشن ئي ڏئي سگهي ٿي. صحافين سان ڳالهائيندي اطلاعات واري نگران وفاقي وزير هڪ سوال تي چيو ته مو??انا فضل الرحمان وڏي پارٽي جو اڳواڻ آهي، سندس بيان اليڪشن ڪميشن ڏسي ورتو هوندو، اها ئي ان جو مناس?? جواب ڏئي سگهي ٿي، چونڊون منعقد ڪرائڻ جي ذميواري اليڪشن ڪميشن جي آهي، اسان اليڪشن ڪميشن جي مدد جا ذميوار آهيون. نواز شريف ??ي وطن واپسي بابت سوال تي هن چيو ته نواز شريف ??ي واپسي جو نگران حڪومت سان ڪو تعلق نه آهي. هڪ ٻئي سوال تي هن چيو ته چين ۽ پاڪستان جا لاڳاپا سدا بهار آهن ۽ انهن جو مستقبل تمام شاندار آهي.