اسلام آباد – 28 جنوري (اي پي پي) وفاقي ڪابينا اڳوڻن وزيراعظمن محمد نواز شريف، يوسف رضا گيلاني ۽ اڳوڻي صدر آصف علي زرداري جي ڪئمپ آفيس، سيڪيورٽي، انٽرٽينمينٽ ۽ پرڏيهي نجي دورن تي خرچ ٿيندڙ اربين رپيا هڪ مهيني ۾ وصول ڪرڻ ۽ صدر ۽ وزيراعظ?? جي پگهارن ۽ مراعتن جي قانون ۾ ترمي?? جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي، ان ترميم سان هاڻي صدر ۽ وزيراعظ?? جي رڳو هڪ رهائشگاهه کي سرڪاري رهائشگاهه جو درجو ڏنو و??ند?? ۽ جڳهه جڳهه ڪئمپ آفيسز قائ?? ڪرڻ ۽ انهن تي سرڪاري ??اڻي ۽ عوا?? جي پئسي سان ٿيندڙ خرچن جي روڪٿا?? ڪري سگهبي، اڳتي ڪنهن به پبلڪ آفيس هولڊر بشمول صدر ۽ وزيراعظ?? جي لاءِ ڊيوٽي فري گاڏي جي سهولت نه هوندي. وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ وفاقي ڪابينا جي اجلاس کانپوءِ وزيراعظ?? جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ مواصلات واري ??فاقي وزير مراد سعيد سان گڏ صحافين کي بريفنگ ڏي??دي ٻڌايو ته ڪابينا سنڌ ۾ انسپيڪٽر جنرل پوليس جي مقرري جي معاملي تي تفصيلي غور ويچار ڪيو.