پشاور – 28 فيبروري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي عوام تي صحت ۽ صفائي جو خصوصي خ??ال رکڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته ڪرونا ج?? پکڙجڻ افسوسناڪ صورتحال آهي، هيستائين 51 ملڪ ڪرونا وائرس جو شڪار ٿي ??ڪا آهن، پاڪستان ۾ به ان جي پکڙجڻ جو خدشو آهي پر اسان کي خوفزده هجڻ بدران حفاظتي تدبيرن اختيار ڪرڻ گهرجن، هٿ ڌوئڻ وقت صابڻ جو استعمال يق??ني بڻايون. اهڙن خيالن جو اظهار هن گيسٽرالوجي ڪانفرنس کي خطاب ڪند?? ڪيو.