اسلام آباد – 25 ما??چ (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته مخ??لف ڌر تنقيد سان گڏ تجويزون به ڏي، تنقيد براءِ تنقيد مسئلي جو حل نه آهي، سموريون سياسي پارٽيون حڪومت سان ڪلهوڪلهي ۾ ملائي هلن، ڪرونا کي شڪست ڏيڻ جي لاءِ قومي هم آهنگي طرف وڃڻ جي ضرورت آهي. هو ??فا??ي ڪابينا جي اجلاس کانپوءِ بريفنگ دوران ڳالهائي رهي هئي. وزيراعظم جي خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو ته مخ??لف ڌر اڳواڻ جو خطاب حسين خواهشن تي ٻڌل روڊ ميپ هو جيڪو ميديا ذريعي قوم آڏ?? پيش ڪري حڪومت کي هدايت ڏني وئي ته اهي قدم فوري طور تي کنيا وڃن.