ڪراچي – 17 جون (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته 18 هين ??ئيني ترميم جي حوالي سان ڪي به اختلاف نه آهن، ان ۾ ڪجهه بي ضابطگيون آهن جن تي نظرثاني ڪرڻ جي ضرورت آهي، ڪجهه شيون 18 هين ??رميم تحت صوبن کي منتقل ڪيون ويون جيڪي مرڪزي حڪومت وٽ رهڻ گهرجن ها، سمورن صوبن جي مشاورت سان انهن بي ضابطگين کي ختم ڪيو ويندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن ??ورنر هائوس ۾ مختلف مقامي نيوز چينلز ۽ اخبارن سان واڳيل سينيئر صحافين ??ان ڳالهائيندي ڪيو. وفاقي حڪومت پاران ڪورونا وائرس جي ڦه??اءُ کي روڪڻ جي قدمن بابت هڪ سوال جي جواب ۾ وزيراعظم عمران خان چيو ته شروع ۾ ئي اين ??ي او سي جا اجلاس باقاعدگي سان ٿي رهيا آهن ۽ سمورن صوبن کي اعتماد ۾ ورتو ويندو آهي. هن ??يو ته شروع کان ئي آئون سخت لاڪ ڊائون هڻڻ جي خلاف هئس ڇو ته مون کي مزدور طبقي خاص طور تي ڏهاڙي تي ڪم ڪند?? مزدورن جو فڪر هو.