وزيراعظم دنيا ۾ ڪشمير مسئلو دليراڻي انداز ۾ اجاگر ڪيو: فردوس عاشق اعواڻ

image
APP06-05 ISLAMABAD: February 05 - Special Assistant to PM on Information & Broadcasting, Dr. Firdous Ashiq Awan addressing during a walk to mark Kashmir Solidarity Day. APP photo by Irshad Sheikh

اسلام آباد – 05 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان سڄي دنيا ۾ ڪشمير مسئلو انتهائي دليراڻي انداز ۾ اجاگر ڪيو، مظلوم ڪشميري عوام مدد جي لاءِ پاڪستاني ڀينرن ڀائرن طرف ڏسي رهي آهي، پاڪستاني قيادت ۽ عوام ڪشميرين جي زخم کي پنهنجي جسم تي محسوس ڪري ٿي، پنهنجي آزادي ۽ ملڪ جي دفاع لاءِ رت جي آخري ڦڙي تائين وڙهنداسين، والاريل ڪشمير تي ڀارتي غيرقانوني ڏاڍ جي خاتمي جو ڏينهن اچي ويو آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪشميري ڀينرن ڀائرن سان يڪجهتي جي اظهار لاءِ ڪڍيل ريلي کي خطاب ڪندي ڪيو.

مضمون کا ماخذ : گولڈ رش