حڪومت سينيٽ چونڊن لاءِ سپريم ڪورٽ سان رجوع ڪرڻ تي غور ڪري پئي: وزيراعظم

image

پشاور – 16 – ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته حڪومت سينيٽ جون چونڊون شو آف هينڊز ذريعي ڪرائڻ جي لاءِ سپريم ڪورٽ سان رجوع ڪرڻ تي غور ڪري رهي آهي، ان سلسلي ۾ سمورن قانوني رخن تي مشاورت جاري آهي، مخالف ڌر جي جلسن سان حڪومت کي ڪو خطرو نه آهي، مخالف ڌر کي اين آر او نه ملندو. گورنر هائوس ۾ صحافين سان ڳالهائيندي وزيراعظم چيو ته حڪومت سينيٽ جي شفاف ۽ منصفاڻي چونڊن تي يقين رکي ٿي، سمورن قانوني رخن تي مشاورت جاري آهي.

مضمون کا ماخذ : جوگوس ڈی لوٹیریا آن لائن