خصوصي ماڻهو بي پناهه صلاحيتن جا مالڪ هوندا آهن: اسد قيصر

image
APP45-13 ISLAMABAD: October 13 - Speaker National Assembly Asad Qaiser in a meeting with organization working on Persons with Disabilities at Parliament House. APP

اسلام آباد – 13 آڪٽوبر (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر چيو آهي ته خصوصي ماڻهو بي پناهه صلاحيتن جا مالڪ هوندا آهن ۽ معاشري جي تعمير ۽ ترقي ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا، انهن سان محبت ۽ شفقت سان پيش اچڻ اسان سڀني تي لازمي آهي، اسان جي ٿورڙي ڌيان سان انهن جي زندگين کي خوشين سان ڀري سگهن ٿا. پارليامينٽ کي خصوصي ماڻهن جي مسئلن جو ادراڪ آهي انهي لاءِ تاريخ ۾ پهريون ڀيرو خصوصي ماڻهن جي لاءِ پارلياماني ڪميٽي جوڙي آهي، حڪومت خصوصي ماڻهن جي ڀلائي، تعليم ۽ تربيت کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ قدم کڻي رهي آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن خصوصي ماڻهن جي لاءِ ڪم ڪندڙ تنظيمن جي نمائندن جي وفد سان ڳالهائيندي ڪيو.

مضمون کا ماخذ : Aztec خزانے