اسلام آباد – 02 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان صوبائي حڪومتن کي هدايت ڪئي آهي ته ??نهنجي لاڳاپيل صوبن ۾ کاڌي پيتي جي شين جي عوام کي گهٽ کان گهٽ قيمتن ۾ دستيابي کي يقيني بڻائين. وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ پي ٽي آءِ ڪور ڪميٽي جو اجلاس اسلام آباد ۾ ٿيو. وزيراعظم اجلاس دوران صوبائي حڪومتن کي ضلعي ??رائس ڪنٽرول ڪمي??ين جي ذريعي ذخيره اندوزن ۽ وڌيڪ قيمتن تي وڪرو ڪندڙن جي خلاف سخت ڪارروائي جي پڻ هدايت ڪئي.