اسلام آباد – 28 – ڊسمبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ اڳوڻي پرڏيهي سيڪريٽري رياض کوکر جي لاڏاڻي تي تعزيت جي لاءِ سندس رهائشگاهه تي ويو جتي هن مرحوم جي گهرڀاتين ??ان دلي همدردي ۽ تعزيت جو اظهار ڪيو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب نگران وزيراعظم مرحوم رياض کوکر جي درج?? جي بلندي لاء?? دعا ڪئي. نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ رياض کوکر جي خدمتن کي خراج عقيدت پيش ڪندي چيو ته هو پرڏيهي وزارت جو باصلاحيت آفيسر هو، هن عالمي سطح تي پاڪستا?? جي پرڏيهي پاليسي ۽ موقف کي بهتر طريقي ??ان اجاگر ڪيو، پاڪستان حڪومت جي لاءِ سندس خدمتن کي سدائين ياد رکيو ويندو. نگران پرڏيهي وزير جليل عباس جيلاني پڻ نگران وزيراعظم ??ان گڏ هو.