اسلام آباد – 06 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته موجوده حڪومت ميڊيا جي آزادي تي يقين رکي ٿي، رياست جو چوٿون ٿنڀ هجڻ جي حيثيت س??ن ميڊيا جو معاشري ۽ حڪومتي قدمن تي عوامي راءِ قائم ڪرڻ ۾ ڪردار اهم حيثيت رکي ٿو. اهڙن خيالن جو اظهار هن اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت ۾ سڌارن، حڪومت پاران شروع ڪيل عوامي ڀلائي جي منصوبن، معاشي ۽ اقتصادي ترقي ۽ ملڪ جو مثبت تشخص اجاگر ڪرڻ جي ڏس ۾ پريس انفارميشن ڊپارٽمينٽ جو ڪردار ۽ مستقبل جي ??ڪم?? علي تي بريفنگ وٺندي ڪيو. اجلاس ۾ م??صوبابندي واري وفاقي وزير اسد عمر، خاص معاون ??اڪ??ر فردوس عاشق اعواڻ، شهباز گل، اطلاعات واري سيڪريٽري زاهده پروين ۽ سينيئر آفيسرن شرڪت ڪئي.