موجوده حالتن ۾ عوام جي جان ۽ مال جو تحفظ اولين ترجيح آهي: فردوس عاشق اعواڻ

image
APP47-21 ISLAMABAD: March 21- Special Assistant to the Prime Minister on Information and Broadcasting Dr Firdous Ashiq Awan interacting with media person along with provincial information Minister through video conferencing. APP

اسلام آباد – 21 مارچ (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته موجوده حالتن ۾ عوام جي جان ۽ مال جو تحفظ اولين ترجيح آهي، حڪومت صوبن کي هر ممڪن وسيلا فراهم ڪري رهي آهي، وزيراعظم پاران خاطري ڪرايان ٿي ته موجوده حالتن ۾ سڀ متحد آهن، اسان کي هڪ قوم بڻجي دنيا کي پيغام ڏيڻو آهي ته اسان هر خطري کي منهن ڏئي سگهون ٿا، موثر ميڊيا حڪمت عملي بابت اجلاس جو مقصد ميڊيا کي وقت سر ۽ صحيح معلومات جي فراهمي ۽ سوشل ميڊيا تي هلندڙ جعلي خبرن جو تدارڪ آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪرونا وائرس جي حوالي سان موثر ميڊيا حڪمت عملي بابت اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو.

مضمون کا ماخذ : لاٹری ٹکٹ آن لائن دستیاب