اسلام آباد – 24 نومبر (اي پي پي) منصوبابندي، ترقي، سڌارن ۽ خاص قدمن واري وفاقي وزير اسد عمر چيو آهي ته عوام جي رويي مان نه ٿو لڳي ته انهن کي ڪنهن ڳالهه جي فڪر آهي، ڪورونا جي ٻي لهر انتهائي خطرناڪ ثابت ٿي سگهي ٿي. اسلام آباد ۾ خاص معاون ڊاڪٽر فيصل سلطان سان گڏ پريس ڪانفرنس ۾ هن پ??ڪستان ۾ وبائي مرض ڪورونا وائرس جي موجوده ??ورتحال ۽ مستقبل ۾ درپيش خطري تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪئي. اسد عمر چيو ته حڪومت جي ل??ءِ اسڪولز بند ڪرڻ جو فيصلو آسان نه هو. 11 جنوري 2021ع کان حالتون ڏسي اسڪولز کولڻ جو امڪان آهي.