اسلام آباد – 14 – جنوري (اي ??ي ??ي) وزيراعظم عمران خان سان آذربائيجان جي پرڏيهي وزير جيهون بيراموف هتي ملاقات ڪئي ۽ ٻطرفي لاڳاپن ۽ علائقائي ۽ عالمي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. وزيراعظم آذربائيجان جي قيادت ۽ عوام کي والاريل علائقو آزاد ڪرائڻ تي مبارڪون ڏنيون ۽ آزاد ڪرايل علائ??ن جي نئين سر تعمير ۽ ترق?? ۾ ??اڪستان جي ڀرپور تعاون جي خاطري ڪرائي. وزيراعظم ميڊيا آفيس مان جاري بيان موجب ملاقا?? ۾ ??زيراعظم بهترين ٻطرفي سياسي لاڳاپن تي اطمينان جو اظهار ڪيو ۽ واپار ۽ توانائي جي شعبن ۾ تعاون کي فروغ ڏيڻ جي اهميت تي زور ڏنو.