اسلام آباد-17 مارچ (اي پي پي) گهرو معاملن واري وفاقي وزير شيخ رشيد احمد چيو آهي ته پاڪستان ??اءِ ڪويتي ويزا جلد کُلڻ وڃي رهيو آهي، نواز شريف جو پاسپورٽ شارٽ نوٽيس تي تيار ڪرڻ لاءِ تيار آهيون، نواز شريف ان ??اسپورٽ تي صرف پاڪستان اچي سگهندو، پي ڊي ا??م مارچ ملتوي ڪري سٺو فيصلو ڪيو آهي. پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي شيخ رشيد احمد چيو ته مان ??طر ويو هئس جتي ا??هن سان سٺي ڳالهه ٻولهه ٿي آهي، پاڪستاني قوم لاءِ خوشخبري آهي جو پاڪستانين لاءِ 2011ع کان ڪويت ويزا بند هئا جيڪي هاڻ جلد کوليا ويندا.