جده – 08 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان ۽ سعودي ولي عهد شهزاده محمد بن سلمان پاڪستان ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ س??ورن شعبن ۾ لاڳاپن کي وڌيڪ سگهه ??يڻ جي عزم جو اظهار ڪيو آهي. وزيراعظم عمران خان سعودي عرب جي دوري دوران سعودي ولي عهد شهزاده محمد بن سلمان بن عبدالعزيز السعود سان جده ۾ ملاقات ڪئي ۽ ٻطرفن علائقائي ۽ عالمي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ملاقات دوران وزيراعظم عمران خان خادم الحرمين الشريفين شاهه سلمان بن عبدالعزيز جي لا??ِ مخلصاڻي خواهشن جو اظهار ڪيو ۽ ولي عهد شهزاده محمد بن سلمان پاران کيس سعودي عرب جي دوري جي دعوت ڏيڻ تي سندس ٿورا مڃيا.