اسلام آباد – 25 – مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشري??ت واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته سنڌ جي گورنر عمران اسماعيل ۽ منصوبابندي واري وفاقي وزير اسد عمر وزيراعظم عمران خان کي سنڌ ?? بدانتظامي خاص طور تي امن امان ۽ وڌندڙ ڏوهن تي ڳڻتي کان آگاهه ڪيو آهي. وزيراعظم گهرو وزير کي سنڌ جو دورو ڪرڻ ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن سان گڏجي صورتحال تي حڪمت عملي طئي ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ?? اطلاع??ت واري وفاقي وزير چيو ته وزيراعظم عمران خان سنڌ جي گورنر عمران اسماعيل ۽ منصوبابندي واري وفاقي وزير اسد عمر سنڌ جي صورتحال تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪئي.