اسلام آباد – پهرين جون (اي پ?? پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر چيو آهي ته اقتصادي تعاون تنظيم جي ميمبر ملڪن کي پ??هنجي موثر اجتماعي ڪردار کي عالمي سياست ۾ پنهنجو مقام پيدا ڪرڻ ۽ علائقائي ترقي تي ڌيان ??يڻ?? پوندو، اي سي او ملڪ اوڀر ۽ اولهه جي وچ ۾ عالمي واپاري راهداري جو واحد ذريعو آهن، سي پ??ڪ تحت پاڪستان کان چين تائين ريلوي ٽريڪ جي تعمير ان پوري وچ ايشيائي خطي جي لاءِ اقتصادي ترقي ۾ مددگار ٿيندي، گوادر ۽ چاه بهار جي وچ ۾ ريل نيٽ ورڪ جو قيام ۽ يورپ ۽ ايران ۽ ترڪي جي ذريعي وچ ايشيا تائين ان ??ي رسائي خطي ۾ اهم اقتصادي ترقي ۾ اڳڀرائي ثابت ٿيندي، پاڪستان ڪشميري عوام جي سياسي، اخلاقي ۽ سفارتي حمايت ان وقت تائين جاري رکندو جيستائين ڪشميري گڏيل قومن جي سلامتي جي ڪائونسل جي قراردادن ??ي روشني ۾ خودمختياري وارو پنهنجو جائز حق حاصل نٿا ڪري وٺن.