اسلام آباد – 04 آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين سان گلگت ??لت??تان جي گورنر راجا جلال حسين مقپون ملاقات ڪئي. ملاقات دوران گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ٿي. ملاقات دوران اطلاعات واري وفاقي وزير گلگت ??لت??تان ۾ ترقياتي منصوبن ۾ غير ملڪي سيڙپڪاري کي متوجهه ڪ??ڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته گلگت ??لت??تان ۾ پي ٽي وي اسٽيسن جي قيام لاءِ قدم کنيا پيا وڃن. هن چيو ته گلگت ??لت??تان ۾ ڊجيٽل ڪيبل ۽ موبائيل نيٽ ورڪ ڪمپنين جي خدمتن کي بهتر بڻايو ويندو. اطلاعات واري وزير چيو ته گلگت ??لت??تان جي نوجوانن ۾ ڊجيٽل ميڊيا ۾ دلچسپي کي فروغ ڏنو وڃي. ڊجيٽل ميڊيا ۾ نوجوانن لاءِ بي پناهه موقعا موجود آهن. گلگت ??لت??تان جي گورنر نوجوانن کي ڊجيٽل ميڊيا طرف متوجهه ڪ??ڻ جي حوالي سان وفاقي وزير جي تجويز سان اتفاق ڪيو.