اسلام آباد – 20 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ آز??د ڄمون ۽ ڪشمير ۾ حڪومتي سڌارن جي حوالي سان اجلاس ۾ آز??د ڪشمير حڪومت طرفان اقتصادي ترقي ۽ روزگار جي فراهمي، غذائي تحفظ، سروس ڊليوري جي بهتري، اداره جاتي سڌارن ۽ قانون ??ي بالادستي لاءِ لائ??ه عمل جوڙيو ويو. اجلاس ۾ آز??د ڪشمير جو وزيراعظم عبدالقيوم نيازي، ڪشمير ۽ گلگت بلتستان معاملن واري وفاقي وزير علي امين گنڊاپور، آز??د ڪشمير جو چيف سيڪريٽري قادر خان ۽ لاڳاپيل اعليٰ آفيسر شريڪ ٿيا. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته آز??د ڪشمير ۾ وڏي پئماني تي سڌارن لاءِ لائ??ه عمل تيار آهي جيڪو ٻن مرحلن ۾ لاڳو ڪيو ??ين??و، پهرين مرحلي ۾ 6 مهينن جي مدي ۾ شهرن جي صفائي سٿرائي جي نظام جي بحالي، ندي نالن جي صفائي ۽ انهن تي قبضن جو خاتمو شامل آهي. وڌيڪ تعليم ۽ صحت جي شعبن ۾ سڌارن، بنيادي ڍانچي جي بحالي ۽ مرمت، بجلي ۽ صاف پاڻي جي موجود نظام جي بحالي شامل آهن. ڄاڻايل لائ??ه عمل جي هفتيوار منصبوبابندي ڪري عملدرآمد کي مقرر ڪيل مدي ۾ يقيني بڻايو ??ين??و. ٻي مرحلي ۾ ڊگهي مدي وارا سڌارا شامل آهن. اقتصادي ترقي ۽ روزگار جي فراهمي لاءِ صنعتي ترقي، ڪاروبار ۾ آسانيون پيدا ڪرڻ ۽ س??اح?? جي فروغ لاءِ قدم کنيا ??ين??ا. اجلاس کي وڌيڪ آگاهه ڪيو ويو ته غذائي تحفظ لاءِ لائيو اسٽاڪ، فلوري ڪلچر، هارٽي ڪلچر ۽ ڪچن گارڊننگ کي فروغ ڏنو ??ين??و. ان کانسواءِ اڻ مڪمل منصوبن کي جلد مڪمل ڪرڻ، جديد ٽيڪنالاجي جي ذريعي صحت ۽ تعليم جي شعبن جي مانيٽرنگ، بجلي جي موجوده نظام ۾ بهتري، ٽيڪس جي نظام جي سڌارن ۽ قانون ??ي بالادستي لاءِ قدم به لائ??ه عمل جو حصو آهن. وزيراعظم عمران خان قانون ??ي بالادستي جي اهيمت تي زور ڏيندي چيو ته فلاحي رياستن ۾ امير ۽ غريب لاءِ قانون هڪجهڙو هوندو آهي، وڌيڪ چيو ته س??اح?? جي فروغ لاءِ هڪ جامع حڪمت عملي جوڙي ان تي جلد عملدرآمد يقيني بنايو پيو وڃي.