ڪراچي – 13 – نومبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ڪراچي ۾ پاڪستان جي سڀ کان پهرين انٽريڪٽو سائنس سينٽر جو افتتاح ڪيو. ان موقعي تي تقريب کي خطاب ڪندي صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته دنيا تيزي سان تبديل ٿي رهي آهي ۽ تعليم سا?? گڏوگڏ شا??ردن کي سائنس، ٽيڪنالاجي ۽ فزڪس جا عملي ورڪشاپس پڻ مهيا ڪرڻ وقت جي ا??م ضرورت آهي. ايوان صدر ميڊيا ونگ پاران جاري پڌرائي موجب صدر چيو ته اسان پنهنجي تڪ جي اسڪولن ۾ سائنسي ميلو منعقد ڪيو ۽ جنهن شوق سان شا??ردن ميلي ۾ شرڪت ڪئي ا??و ڏسڻ وٽان هو. هن چيو ته اسان کي جديد سائنسي علم ۽ رياضي ۾ شا??ردن کي سهولتون ڏيڻيون پونديون ته جيئن اسان جي نئين نسل جديد دور جي گهرجن سان ه?? جهڙائي رکي سگهي. تقريب کي ميگنيفي سائنس سينٽر جي چيئرمين حسين دائود پڻ خطاب ڪيو. ان موقعي تي صدر پاران حوصلا افزائي تي سندس ٿورا به مڃيا. بعد ۾ ڊاڪٽر عارف علوي سائنس سينٽر جو دورو ڪيو ۽ تجربيگاهن جو پڻ معائنو ڪيو.