اسلام آباد – 25 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو ??هي ته ملڪ جي معاشي استحڪام ۽ ترقي جي لاءِ برآمدات ۾ اضافو اڻٽر آهي، روانگي واپار ۽ آمدني واپار ۾ ايندڙ رڪاوٽن کي ختم ڪرڻ لاءِ سمنڊ پار پاڪستانين جي طرفان موڪليل مٽاسٽا جو ناڻو وڏو اهم آهي، سهڻي ڌرتي ريميٽنس پروگرام سمنڊ پار پاڪستانين لاءِ مراعتن ۽ ڪيتريون ئي سهولتون رکندڙ منصوبو آهي، سمنڊ پار پاڪستانين لاءِ ٽيڪس مراعتن جو منصوبو به آڻي رهيا آهيون. هو سهڻي ڌرتي ريميٽنس پروگرام جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪري رهيو هو. تقريب کي ناڻي واري صلاحڪار شوڪت ترين، اسٽيٽ بئنڪ جي گورنر رضا باقر به خطاب ڪيو. وزيراعظم جي سمنڊ پار پاڪستانين لاءِ سهولتون فراهم ڪرڻ جي ويزن جي تحت اسٽيٽ بئنڪ سهڻي ڌرتي پروگرام جاري ڪيو ??هي، پروگرام،تحت اسٽيٽ بئنڪ جي سونپيل ذريعن مان موڪليل مٽاسٽا جي ناڻي جي عيوض سمنڊ پار پاڪستانين کي ريوارڊ پوائنٽس حاصل ٿينديون جنهن جي ذريعي هو سرڪاري ادارن مان ڏني ويندڙ خدمتن جو مفت استعمال ڪري سگهندا. ان مقصد لاءِ موبائيل ايپليڪيشن به جاري ڪئي پئي وڃي جنهن تحت سمنڊ پار پاڪستاني پنهنجي ريوارڊ پوائنٽس جي عيوض نه رڳو سرڪاري ادارن جون خدمتون حاصل ڪري سگهندا پر ان مان فائدو حاصل ڪرڻ لاءِ پاڻ کانسواءِ هڪ بينيفشري جي نشاندهي به ڪري سگهن ٿا جنهن کي اهو ريوارڊ پوائنٽس منتقل ٿي سگهن ٿا. وزيراعظم تقريب کي خطاب ڪندي چيو ??ه ان نئين پروگرام تي اسٽيٽ بئنڪ جي گورنر کي خراج تحسين پيش ڪريون ٿا، پاڪستان جو سڀ کان وڏو مسئلو اهو آهي ته روانگي واپار تي ڌيان ناهي ڏنو ويو، 1960ع جي ڏهاڪي ۾ پاڪستان ۽ هانگ ڪانگ جو روانگي واپار برابر هو جڏهن ته اڄ پاڪستان جي مقابلي ۾ ان جو روانگي واپار ڪيترائي ڀيرا وڌيڪ آهي، سنگاپور جو روانگي واپار اڄ 300 ارب ڊالر کان وڌيڪ آهي، م??ائيشيا جو روانگي واپار 260 ارب ڊالر کان وڌيڪ آهي، وزيراعظم چيو ??ه هن سال ا??ان جو روانگي واپار تاريخ جي بلند ترين سطح تي هوندو تنهن هوندي به ماضي ۾ روانگي واپار تي ڌيان نه ڏيڻ جو نقصان پاڪستان کڻي رهيو ??هي، ا??ان جي معيشت ۾ جيئن ئي ترقي ٿيڻ لڳندي آهي ته هڪدم ڪرنٽ ا??ائ??نٽ تي دٻاءُ پوندو آهي، ا??ان جا پئسا ٻاهر وڌيڪ ويندا آهن ۽ ملڪ ۾ گهٽ سرمايو ??يندو آهي اهو ئي سبب آهي ته پاڪستان هن وقت ??ائ??ن 20 ڀيرا آءِ ايم ايف وٽ وڃي چڪو آهي، ان ڀنور مان نڪرڻ لاءِ هڪ ئي رستو آهي ته ا??ان پنهنجي روانگي واپار ۾ اضافو ڪريون، م??جوده حڪومت ان لاءِ ڪوشان آهي. ا??ان جي حڪومت اچڻ کان اڳ صنعت جمود جو شڪار ٿئي تنهن هوندي به ا??ان جي قدمن ??ان لارج اسڪيل مينوفيڪچرنگ ۾ نمايانا اضافو ٿيو ??هي، وزيراعظم چيو ??ه جيس??ائ??ن ا??ان جي روانگي واپار ۾ اضافو نٿو ٿئي ان وقت ??ائ??ن روانگي واپار ۽ آمدني واپار ۾ ايندڙ رنڊڪ ختم ڪرڻ جي لاءِ سمنڊ پار پاڪستانين جي پاران موڪليل مٽاسٽا جو ناڻو اهم آهي، هن چيو ??ه سمنڊ پار پاڪستاني ا??ان جو اثاثو آهن، مشڪل وقت ۾ انهن پاران موڪليل مٽاسٽا جي ناڻي مان ملڪ جي مدد ٿي، ا??ان جي حڪومت سمنڊ پار پاڪستانين جي لاءِ روشن ڊجيٽل سميٽ مختلف قدم کنيا آهن، سهڻي ڌرتي ريميٽنس پروگرام به سمنڊ پار پاڪستانين لاءِ مراعتن مان هڪ آهي، ان پروگرام تحت بئنڪن جي ذريعي پئسا موڪليندڙ سمنڊ پار پاڪستانين کي مختلف سهولتون ميسر اينديون. اهو قدم حڪومت ۾ ايندي ئي کڻڻ گهرجي ها، هن چيو ??ه روشن ڊجيٽل پروگرام لاءِ سمنڊ پار پاڪستاني گهر خريد ڪري سگهن ٿا، جائيداد خريد ڪري سگهن ٿا، وزيراعظم چيو ??ه سمنڊ پار پاڪستاني سڀ کان وڌيڪ ريئل اسٽيٽ ۾ سيڙپڪاري ڪن ٿا ته جيئن هو پنهنجو گهر ٺاهي سگهن، هن چيو ??ه بئنڪ جي ذريعي خريدي ڪيل جائيداد هڪ محفوظ سيڙپڪاري آهي، ان ??ان جعلي اسڪيمن ۾ سيڙپڪاري ??ان سمنڊ پار پاڪستاني محفوظ رهي سگهندا ڇو ته بئنڪ ادائيگي کان اڳ ان اسڪيم جي باري ۾ سموري معلومات حاصل ڪري چڪا هوندا. وزيراعظم چيو ??ه سمنڊ پار پاڪستانين کي ٽيڪس ۾ به ڇوٽ ڏيڻ لاءِ منصوبا آڻي رهيا آهيون، هن چيو ??ه ا??ان جي ٽيم کي اها ڳالهه ذهن ۾ رکڻ گهرجي ته جيس??ائ??ن ا??ان جو روانگي واپار نٿو وڌي ملڪ مان سرمايو ٻاهر منتقل ٿيندو رهندو. وزيراعظم چيو ??ه ا??ان جي پوري ڪوشش آهي ته 90 لک پاڪستانين کي ڪيئن مراعتون ڏيڻيون آهن اهي پاڪستان جي لاءِ وڏو درد رکن ٿا، انهن جي لاءِ ا??ان آسانيون پيدا ڪري رهيا آهيون ته جيئن هو سيڙپڪاري ڪن ۽ ڪاروبار هلائي سگهن، ان ڏس ۾ ايندڙ سمورين رڪاوٽن کي ختم ڪرڻ لاءِ ڪوشان آهيون. وزيراعظم چيو ??ه ٻاهرين ملڪ مان جيڪو پاڪستاني جيترو وڌيڪ پئسو موڪليندو ان کي ايترو ئي وي آءِ پي پروٽوڪول ملندو.