لاهور – 31 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته اسان ??عاشري جي ڪمزور طبقن جي ترقي، ڀ??ائ?? ۽ بهتر?? تي ڌيان ڏئي رهيا آهيون، مديني جي رياست جو ماڊل معاشري جي پيڙهيل ۽ ڪمزور طبقن جو خيال رکڻ تي تمام گهڻو زور ڏي ٿو. اهڙن خيالن جو اظهار وزيراعظم عمران خان ??اهور جنرل اسپتال جي سامهون فيروز پور رو?? تي پناهگاهه لاهور جي افتتاح جي موقع?? تي ڳالهائيندي ڪيو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان ??وجب وزيراعظم لاڳاپيل عملدارن کي هدايت ڪئي ته پناهگاهن جي رهواسين جي محفوظ ۽ آرامده قيام کي يقيني بڻائڻ لاءِ سمورا امڪاني قدم کنيا وڃن. ان کان اڳ وزيراعظم کي بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته پناهگاهه لاهور ۾ 80 ماڻهن ۽ 20 عورتن جي رهڻ جي گنجائش موجود آهي ?? اهي پناهگاهون تمام جديد ??هر?? سهولتن سان آراسته آهن. انهن سهولتن ۾ استقباليه، انتظار گاهه، نگراني جو نظام، بهترين ڪچن، مردن ۽ عورتن لاءِ کاڌي جي جاءِ، فلٽر ٿيل پاڻي، نماز ادا ڪرڻ لاءِ مختص جڳهه، صفائي، لانڊري ۽ بجلي جي بنا رنڊڪ فراهمي شامل آهن. احساس سينٽر شٽل سروس، معذور ماڻهن جي لاءِ سهولتن ۽ عورتن جي ڌار منزل پناه گاهه لاهور جون اهم خاصيتون آهن.