اسلام آباد – 13 جنوري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سي??ريٽري شاهيره شاهد چيو آهي ته ميڊيا انڊسٽري ۾ رونما ٿيندڙ تبديليون ان ڳ??له?? جون گهرجائو آهن ته اطلاعات واري وزارت جا آفيسر جديد دور جي ميڊيا چئلينجن م??ن سرخرو ٿيڻ لاءِ پاڻ کي تيار ڪن. اها ڳ??له?? هن انفارميشن سروس اڪيڊمي ۾ 32 هين مڊڪيريئر مينيجمينٽ ڪورس ڊومين اسپيسيفڪ تربيتي پروگرام جي سندون ورهائڻ جي تقريب کي خطاب ڪندي چئي. تقريب ۾ اطلاعات واري وزارت جي مختلف ادارن جي سربراهن ۽ زير تربيت آفيسرن کانسواءِ ميڊيا ماهرن ۽ اسلام آباد جي مختلف يونيورسٽين جي پروفيسر صاحبان شرڪت ڪئي. اطلاعات واري سي??ريٽري چيو ته پاڪستان ۾ ميڊيا انڊسٽري تيزي سان وڌي ويجهي رهي آهي، خاص طور تي سوشل ۽ ڊجيٽل ميڊيا عام ماڻهن تائين اطلاعن جي پهچ کي آسان بڻائي ڇڏيو آهي، هن چيو ته اطلاعات واري وزارت جا آفيسر محنت سان ڪم ڪندا پيا اچن تنهن هوندي به ان ڳ??له?? جي ضرورت آهي ته وزارت جا آفي??ر سمورا ضروري تربيتي ڪورسز ۾ خوشي سان شريڪ ٿين ڇو ته اهي ئي ڪورس انهن جي صلاحيتن ۾ نکار پيدا ڪندا آهن. تقريب کي خطاب ڪندي انفارميشن سروس اڪيڊمي جي ڊائريڪٽر جنرل چيو ته هڪ مهيني جي ان تربيتي پروگرام ۾ آفيسرن کي ميڊيا قانونن ۽ ??نت??امي معاملن ۾ دسترس سان گڏوگڏ ڊجيٽل ۽ سوشل ميڊيا جي سمورن ضروري معاملن بابت آگاهي ڏني وئي آهي جنهن جي لاءِ ماهرن جون خدمتون حاصل ڪيون ويون. ڊائريڪٽر انفارميشن سروس اڪيڊمي غزاله امبرين تقريب جي شرڪت ڪندڙن کي ڪورس جي انعقاد جي باري ۾ تفصيلي بريفنگ ڏني، تقريب جي آخر ۾ ڪورس ۾ شريڪ ٿيندڙ آفيسرن ۾ سندون ۽ شيلڊ ورهايون ويون.