اسلام آباد – 11 فيبروري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي کي نيوزي لينڊ، ميڪسيڪو، گهانا ۽ يوگنڊا جي سفيرن پنهنجون سفارتي سندون پيش ڪيون. ان سلسلي ۾ ايوان صدر ۾ هڪ تقريب منعقد ڪئي وئي. ان کان اڳ نيوزي لينڊ جي هاءِ ڪ??شنر مائيڪل ويهي ميليسٽونگاوالش، يوگنڊا جي هاءِ ڪ??شنر محمد تيز يڪوبا ڪسمبيرا، ميڪسيڪو جي سفير گيلر مواليجينڊر وپيوينٽي ۽ ڊوريڪا ۽ گهانا جي سفير ايررڪ اووسابوٽينگ صدر سان ڌار ڌار ملاقاتون ڪيون.
ان موقعي ??ي ڳالهائيندي صدر چيو ته پاڪ??تا?? 220 ملين کان وڌيڪ آبادي ۽ واپار ۽ سيڙپڪاري جا بي پناهه امڪانن جو حامل اهم ملڪ آهي، هن نيوزي لينڊ، ميڪسيڪو، گهانا ۽ يوگنڊا سان اقتصادي ۽ واپاري لاڳاپن کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ ۽ مضبوط بڻائڻ جي ضرورت کي اجاگر ڪيو. صدر چيو ته پاڪ??تا?? علائقائي واپار ۽ رابطن جي مرڪز جي طور تي پنهنجي صلاحيتن کي استعمال ۾ آڻيندي دنيا جي مختلف خطن جي وچ ۾ واپار ۽ رابطن کي وڌيڪ ??رو?? ڏيڻ چاهي ٿو، هن سفيرن کي اهو به چيو ته هو پنهنجي ملڪن جي واپارين کي ڪاروبار دوست ماحول مان فائدو کڻڻ ۽ پاڪ??تا?? ۾ سيڙپڪاري ڪر?? جي ترغيب ڏين، سفيرن کي انهن جي مقرري تي مبارڪباد ڏيندي صدر ان اميد جو اظهار ڪيو ته هو پاڪ??تا?? سان مختلف شعبن ۾ ٻطرفي لاڳاپن کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ لاءِ ڪ??ششون ڪندا، هن وڌيڪ چيو ته پاڪ??تا?? لائيو اسٽاڪ ۽ ڊيري جي شعبن سميت پنهنجي زرعي ??عبي جي ترقي کي تمام گهني اهميت ڏي ٿو ۽ گڏيل فائدي جي لاءِ انهن شعبن ۾ مهارت جي مٽاسٽا ڪر?? چاهي ٿو. هن دوست ملڪن سان ٻطرفي لاڳاپن کي وڌيڪ ??رو?? ڏيڻ لاءِ عوامي رابطن کي ??رو?? ڏيڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. صدر دوست ملڪن سان تعاون جي موجوده سطح تي اطمينان جو اظهار ڪيو ۽ نون مقرر سفيرن لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو.