سبي – 08 – مارچ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چي?? آهي ته ملڪ جي نوجوانن جي روشن مستقبل جي لاءِ جديد تعليم ۽ هنر جي فراهمي جو پروگرام ڪرنگهي جي هڏي جي حيثيت رکي ٿو، دنيا جي وسيع مارڪيٽ ۾ هنرمند نوجوانن جي وڏي ضرورت آهي، وقت جي ضرورتن کي نظر ۾ رکندڙ قومون سدائين ڪامياب رهنديون آهن، اسان جي ملڪ کي تيزي سان ت??قي ڪرڻ جي ضرورت آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن سبي ميلي جي رنگارنگ پڄاڻي واري تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. صدر چي?? ته تيزي سان تبديل ٿيندڙ دنيا ۾ فاصلا گهٽجي ويا آهن ان لاءِ بلوچستان صوبي جي هر خاندان جي نوجوانن کي هنر جي تعليم حاصل ڪرڻ گهرجي. دنيا پاڪستان جي نوجوانن جي حقيقي صلاحيتن مان فائدو کڻڻ لاءِ گهري نظري رکي آهي، بلوچستان جي نوجوانن کي ڪوئيٽا ۽ خضدار ۾ هنر جي بهترين سهولتن مان فائدو کڻڻ گهرجي، هن چي?? ته حڪومت ملڪ جي ڪنڊڪڙڇ ۾ سهولتن جي فراهمي لاءِ هر ممڪن قدم کڻي رهي آهي. هن ان عز?? جو اظهار ڪيو ته ڊيجيٽل اسڪلز پروگرام جلد صوبي جي سمورن علائقن ۾ شروع ڪيا ويندا، ڪامياب نوجوان ۽ ڪامياب پاڪستان پروگرامن جي ذريعي بئنڪون بنا وياج جي قرض فراهم ڪري رهيون آهن، نوجوانن کي مختلف طريقن سان موقعا فراهم ڪيا پيا وڃن. هن چي?? ته بلوچستان ۾ 700 نوجوانن کي گوادر ۾ هنر جي تربيت ڏني وئي آهي ته جيئن انهن کي ملازمت ملي سگهي. گذريل ٻن سالن دوران ملڪ جي ڏورانهن علائقن سميت 22 لک نوجوانن هنر جي تربيت حاصل ڪئي آهي، معاشي استحڪام جي اهميت اجاگر ڪندي هن چي?? ته پاڪستان ت??قي يافته ملڪ بڻجڻ جي راهه تي گامزن آهي ۽ بلوچستان صوبو معدنيات ۽ ماهيگيري جي دولت سان مالا مال آهي. هن صوبي جي ت??قي ۽ خوشحالي لاءِ جديد ٽيڪنالاجي کي وڌ کان وڌ استعمال ۾ آڻڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. صوبي ۾ دهشتگردي جي واقعن ۾ قيمتي جانين جي ضايع ٿيڻ تي افسوس جو اظهار ڪندي صدر هٿياربند فوج ۽ قوم کي ان جي بهادري ۽ عز?? تي ساراهيو، هن چي?? ته پاڪستان دهشتگردي جي خلاف ڪاميابي حاصل ڪئي آهي، ماضي ۾ قوم سدائين يڪجهتي جو مظاهرو ڪيو ۽ ملڪ کي اڳتي وٺي وڃڻ جي راهه اختيار ڪئي. هن چي?? ته هو ت??قي ۽ خوشحالي جي راهه تي گامزن پاڪستان جي خلاف سازشن کان چوڪس رهن. هن چي?? ته پاڪستاني قوم ڪيترائي ڏهاڪا افغان پناهگيرن جي ميزباني ڪئي جيڪا انهن جي عظمت جي عڪاسي ڪري ٿي، صدر چي?? ته پاڪستان گڏيل قومن تي ڪشمير تڪرار حل ڪرڻ تي زور ڏنو آهي، صدر ان عز?? جو ورجاءُ ڪيو ته پاڪستان آزاد ملڪ هجڻ جي حيثيت سان سڀني ملڪن سان دوستاڻي لاڳاپن جو خواهشمند آهي، عالمي اصول برابري تي ٻڌل هجڻ گهرجن، حضرت محمد ﷺ اهي اصول بيان ڪيا ته سڀئي ماڻهو بنا ڪنهن نسل، ذات جي برابر آهن. هن چي?? ته غربت جو خاتمو ۽ صحت جي سهولتن جي فراهمي تي وڌيڪ ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آهي. حڪومت صحت ڪارڊ جاري ڪري شاندار صحت جو نظام جوڙيو آهي. هن عورتن ۾ خوراڪ جي گهٽتائي جي مسئلن سميت انهن جي صحت جا مسئلا حل ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. هن چي?? ته احساس پروگرام تحت حڪومت ٻارڙين کي وظيفن سميت خوراڪ جا پيڪيج ۽ مالي تعاون فراهم ڪري رهي آهي، لوڪ فنڪار عورتون زندگي جي مختلف شعبن ۾ شاندار ڪارڪردگي جي لاءِ دستياب موقعن مان فائدو وٺن، صدر بلوچستان جي ساحلي علائقي جو حوالو ڏيندي چي?? ته ويٽنام پاڪستان جي مقابلي ۾ ننڍو ملڪ هو، ان جي سامونڊي خوراڪ جو روانگي واپار 2000ع جي دوران 200 ملين ڊالر هو جيڪو هاڻي 10 ارب ڊالر وڌيڪ وڌي ويو آهي. جڏهن ته پاڪستان جو روانگي واپار 400 کان 500 ڊالر آهي، تقريب ۾ بلوچستان جو گورنر سيد ظهور احمد آغا، صوبائي وزير ۽ وڏي تع??اد عوام شرڪت ڪئي.