اسلام آباد – 21 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان س??مر تي هتي اسلامتي ترقياتي بئنڪ گروپ جي چيئرمين ڊا??ٽر محمد سليمان الجاسر ملاقات ڪئي جيڪو اسلامي تعاون تنظيم جي پرڏيهي وزيرن جي ڪائونسل جي 48 هين اجلاس ۾ شرڪت لاءِ پاڪستان آيل آهي، وزيراعظم عمران خان ان موقعي تي اسلامي ترقياتي بئنڪ جي پاڪستان سان پراڻي ۽ قابل اعتماد حصيداري، توانائي، ماليات، مواصلات، تعليم ۽ صحت جهڙن مختلف شعبن ۾ ان جي مدد جو اعتراف ڪيو، هن ڪووڊ – 19 ويڪسين جي خريداري لاءِ پاڪستان سان تعاون کي به ساراهيو جنهن ويڪسين کانسواءِ رهجي ويندڙ آبادي تائين پهچ لاءِ قومي ويڪسينيشن مهم ۾ ت??ام گهڻو تعاون ڪيو، ڊا??ٽر الجاسر وزيراعظم کي اسلامي ترقياتي بئنڪ جي پروگرامن جي باري ۾ بريفنگ ڏني جنهن ۾ افغانستان هيومينيٽر??ن ٽرسٽ فنڊ کي فعال ڪرڻ به شامل آهي جيڪوا فغان عوام جي انساني ۽ معاشي ??مداد جي ضرورت جي پيش نظر 19 ڊسمبر 2021ع تي اسلام آباد ۾ منعقد ٿيندڙ اسلامي تعاون تنظيم جي پرڏيهي وزيرن جي ڪائونسل جي غير معمولي اجلاس ۾ قائم ڪيو ويو هو، وزيراعظم ان ڳالهه تي زور ڏنو ته پاڪستان اسلامي ترقياتي بئنڪ سان پنهنجي حصيداري کي ت??ام گهڻي اهميت ڏي ٿو ۽ مسلسل تعاون ۽ لاڳاپا وڌائڻ جو منتظر آهي.