اسلام آباد – 30 – اپريل (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ملڪ کي سماجي ۽ اقتصادي ترقي جي شاهراهه تي گامزن ڪرڻ لاءِ بي پناهه قربانيون ۽ خدمتون ان??ام ڏيڻ تي سم??رن پورهيتن کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو آهي ته موجوده چٽاڀيٽي جي دور ۾ اڳتي وڌڻ لاءِ افرادي قوت کي جديد ترين فني ۽ پيشيوراڻي مهارتن سان ليس ڪرڻ جي ضرورت آهي، اهڙي طرح علائقائي ان??مام ۾ اضافي جي نتيجي ۾ اڀرندڙ معاشي موقعن مان ڀرپور فائدو کڻي سگهجي ٿو، يوم مزدور جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ صدر چيو ته آئون پنهنجي قوم پاران انهن پورهيت مردن ۽ عورتن کي خراج تحسين پيش ڪريان ٿو جنهن پاڪستان جي سماجي ۽ اقتصادي ترقي ۾ بي پناهه قربانيون ۽ خدمتون ان??ام ڏنيون. اهو ڏينهن پاڪستاني افرادي قوت جي طاقت، ڪردار، قابليت ۽ پنهنجي ملڪ جي دنيا ۾ هڪ خوشحال ۽ ترقي پسند قوم بڻائڻ لاءِ لگن جي علامت آهي، ه?? چيو ته قوم انهن سم??رن پورهيتن جي ٿورائتي آهي جنهن پاڪستان جي ترقي جي عمل ۾ پنهنجو پگهر ۽ رت ڏنو ۽ ملڪ کي سماجي ۽ اقتصادي ترقي جي شاهراهه تي گامزن ڪرڻ ۾ مدد ڪئي، صدر چيو ته ان ڏينهن پاڪستان سم??رن پورهيتن ۽ انهن جي خاندانن لاءِ هڪ سازگار ماحول ۽ اعليٰ معيار زندگي فراهم ڪرڻ لاءِ پنهنجي عزم جو ورجاءُ ڪري ٿو. پورهيت جي عظمت تي اسان جو يقين پهرين کان ڪيترائي ڀيرا وڌيڪ مضبوط آهي ۽ اسان ڄاڻون ٿا ته صرف هڪ خوشحال ۽ مطئمن افرادي قوت ئي ملڪ جي معاشي ترقي ۾ پنهنجو حصو وجهي سگهي ٿي، مون کي خوشي آهي ته پاڪستان پنهنجي ليبر فورس جي فلاح ۽ ڀلائي جي لاءِ سماجي تحفظ جي پروگرامن جي ذريعي صحت جي بيمه، خوراڪه، رهائش ۽ مالي امداد فراهم ڪري ۽ گهٽ کان گهٽ اجرت ۾ اضافو ڪري ڪيترائي قدم کنيا آهن. صدر عارف علوي چيو ته اڄ جي دنيا ان??هائي چٽاڀيٽي واري آهي ۽ اسان جو اڳتي وڌڻ جو واحد رستو هڪ اهڙي افرادي قوت آهي جيڪا جديد ترين فني ۽ پيشيوراڻي مهارتن سان ليس هجي، پاڪستان کي پنهنجي افرادي قوت جي مهارت کي پروان چاڙهڻ تي ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آهي ته جيئن علائقائي ان??مام ۾ اضافي جي نتيجي ۾ اڀرندي معاشي موقعن مان ڀرپور فائدو کڻي سگهجي. اسان ان ڳالهه کان به واقف آهيون ته گهڻو ڪجهه ڪرڻ جي ضرورت آهي ۽ سم??رن پورهيتن کي مناسب حق فراهم ڪرڻ جي ڪوشش جي لاءِ مسلسل ڌيان جي ضرورت آهي، ه?? چيو ته آئون هڪ ڀيرو ٻيهر پوري پاڪستان جي پورهيتن کي سلام پيش ڪريان ٿو ۽ انهن جي مستقبل جي ڀلائي ۽ خوشحالي جي لاءِ دعا ڪريان ٿو.