وزيراعظم سان اڳوڻي صدر آصف علي زرداري جي ملاقات

image
APP42-270422 ISLAMABAD: April 27 - President Pakistan Peoples Party Parliamentarians, Asif Ali Zardari and Federal Minister Bilawal Bhutto Zardari called on Prime Minister Shehbaz Sharif. Federal Ministers Khawaja Asif and Khawaja Saad Rafiq were also present in the meeting. APP

اسلام آباد – 27 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سان اڳوڻي صدر ۽ قومي اسيمبلي ميمبر آصف علي زرداري اسلام آباد ۾ ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان موجب ملاقات ۾ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري، دفاع وارو وفاقي وزير خواجه آصف ۽ ريلوي وارو وفاقي وزير خواجه سعد رفيق به شريڪ ٿيا. ملاقات ۾ ملڪ جي موجوده سياسي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، وزيراعظم چيو ته آئين جي بالادستي ۽ جمهوري عمل جو تسلسل ئي ملڪي ترقي جو راز آهي، ملاقات ۾ ملڪ ۾ جمهوريت جي استحڪام ۽ سماجي ڀلائي ۽ تري کي يقيني بڻائڻ لاءِ سمورين سياسي پارٽين سان گڏجي ڪم ڪرڻ تي به اتفاق ڪيو ويو. وزيراعظم بلاول ڀٽو زرداري کي وفاقي وزير طور حلف کڻڻ تي مبارڪباد ڏني ۽ ان عزم جو اظهار ڪيو ته گڏيل تعاون سان جلد ملڪ کي درپيش چئلينجز تي جلد ضابطو آندو ويندو.

مضمون کا ماخذ : resultados loteria São Paulo