??سل??م آباد – 17 – مئي (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ??يو آهي ته پاڪستان ۽ سعودي عرب ڪيترن ئي علائقائي ۽ عالمي معاملن تي هم آهنگي رکن ٿا، ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ مختلف شعبن ۾ اسٽريٽجڪ ۽ وسع البنياد حصيداري کي وڌ??ڪ فروغ ڏيڻ جي ضرورت آهي. اهڙن خيالن جو اظهار پاڪستان ۾ سعودي عرب جي سفير نواف بن سعيد احمد المالڪي سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ايوان صدر ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ پاڪستان ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ گڏيل مذهب، گڏيل قدرن ۽ ثقافت تي ٻڌل پراڻي لاڳاپن کي وڌ??ڪ مضبوط بڻائڻ جي خواهش جو اظهار ڪيو ويو. صدر چيو ته سعودي عرب سان پنهنجي لاڳاپن کي انتهائي اهميت ڏي ٿو جنهن سدائين مشڪل وقت ۾ پاڪستان جو ساٿ ڏنو آهي، هن وڌ??ڪ چيو ته ٻئي ملڪ ڪيترن ئي علائقائي ۽ عالمي معاملن تي هڪجهڙو موقف رکن ٿا، هن ٻنهي ڀائر ملڪن جي گڏيل مفاد لاءِ سعودي عرب سان مختلف شعبن ۾ اسٽريٽجڪ ۽ وسيع النبياد حصيداري کي وڌ??ڪ فروغ ڏيڻ جي ضرورت تي زور ڏنو، واپاري لاڳاپن کي وڌ??ڪ وڌائڻ ۽ ٻنهي ملڪن جي واپارين ۽ چيمبرز آف ڪامرس کي گڏيل واپاري لاڳاپن کي وڌ??ڪ فروغ ڏيڻ لاءِ باقاعدگي سان ڳالهيون ڪرڻ جي ترغيب ڏيڻ تي زور ڏنو. صدر چيو ته سعودي عرب ۾ 20 لک کان وڌ??ڪ پاڪستاني ٻنهي ڀائر ملڪن جي ترقي ۽ خوشحالي ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيا آهن، ان موقعي تي صدر خادم حرمين شريفين لاءِ نيڪ خواهشن جو پيغام به ڏنو ۽ چيو ته پاڪستاني عوام سندس بهتر صحت ۽ وڏي عمر لاءِ دعاڳو آهي.