اسلام آباد – 24 – مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته لاهور ۾ پوليس اهلڪار ڪمال احمد تي فائرنگ ڪري ڳاڙهي لڪير پار ڪئي وئي، ميڊيا سياسي سرگرمين جي ڪو??يج ڪري، پر شرپسند تشدد ۽ دهشت پکيڙڻ جي سرگرمين جو بائيڪاٽ ڪري، وزيراعظم شهباز ??ريف معيشت ۽ عوام جي حفاظت ڪرڻ جو پڪي ارادي جو اظهار ڪري چڪو آهي، پاڪستاني معيشت ۽ عو??م کي بچائڻ لاءِ ريڊ لائين لڳائڻ جو وقت اچي ويو آهي، معيشت جي بحالي ۽ عوام جي رليف جي رستن ۾ ڳاڙهي لڪير ڪڍي ڇڏي آهي، ڪنهن کي عبور ڪرڻ جي اجازت نه ڏينداسين. پنهنجي هڪ بيان ۾ هن چيو ته پاڪستان جي معاشي خودمختياري کي بچائڻ لاءِ جنگ ۾ ڪاميابي لاءِ سياسي ??ست??ڪام بنيادي ضرورت آهي، هن چيو ته پاڪستان کي تباهه ڪري وڃڻ وارن کي وڌيڪ تباهي پکيڙڻ جي اجازت نٿي ڏئي سگهجي. معيشت ۽ عوام جي حفاظت تي ڪو به ٺاه?? نه ڪيو ويندو. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته معيشت جڏهن ته ٽيڪ آف ڪرڻ لڳندي آهي، عمران خان جي شرپسندي ان جي رستي ۾ رڪاوٽ بڻجندي آهي، هن چيو ته سي پيڪ آيو، عظيم دوست صدر شي جن پنگ پاڪستان اچڻ جو اعلان ڪيو ته ڌرڻن جو اعلان ٿي ويو هو، اڄ پاڪستان جي معيشت جي بحالي ۽ عو??م کي رليف ڏيڻ جو آغاز ڪيو ويو آهي، ڪا مداخلت برداشت نه ڪئي ويندي. معيشت ۽ عو??م کي رليف هڪ نڪاتي ايجنڊا آهي، ان تي ڪو به ٺاه?? نه ڪيو ويندو. ان تي حملو برداشت نه ڪنداسين، هن چيو ته اڄ عو??م کي به فيصلو ڪرڻو آهي ته چور ۽ فسادي ٽولي سان گڏ بيهڻو آهي يا ملڪ جي ترقي سان گڏ عوام جي ترجيح تعمير، ترقي ۽ خوشحالي آهي، هن چيو ته انهن شرپسندن ۽ فسادين کان عو??م کي بچائڻ لاءِ هر قدم کنيا پيا وڃن. ملڪ ۾ معيشت جي بحالي، مهانگائي ۾ گهٽتائي ۽ روزگار جي بحالي جي راهه ۾ سازش اچڻ نه ڏينداسين.