اسلام آباد-09 جون (اي پي پي) وفاقي حڪومت اقتصادي س??وي 22-2021ع جاري ڪري ڇڏيو آهي، جنهن تي هلندڙ مالي س??ل دوران اؤسر واري شرح 5.97 سيڪڙو، في ڪس آمدني 1798 ڊالر، زراعت جي اؤسر واري شرح 4.4 سيڪڙو، صنعتي شعبو 7.2 سيڪڙو، تعميراتي شعبي جي اؤسر واري شرح 3.1 سيڪڙو، خدمتن جي شعبي جي اؤسر 6.2 سيڪڙو، وڏين صنعتن جي اؤسر واري شرح 0.4 سيڪڙو، ايف بي آر جي محصول جي وصولي 28.4 سيڪڙو اضافي س??ن 5348 ارب رپيا، مالياتي خسارو 2565 ارب رپيا، مهانگائي جي شرح 11.3 سيڪڙو، ايڪسپورٽ 27.8 سيڪڙو جي اضافي س??ن 26 ارب 80 ڪروڙ ڊالر، امپورٽ 59.8 ارب ڊالر، واپاري خسارو 49.6 سيڪڙو جي اضافي س??ن 32.9 ارب ڊالر، ڪرنٽ اڪائونٽ خسارو 13.8 ارب ڊالر، آءِ ٽي جي ايڪسپورٽ 29.26 سيڪڙو جي اؤسر واري شرح سان هڪ ارب 94 ڪروڙ 80 لک ڊالر، پرڏيهه مان آيل ناڻو 7.6 سيڪڙو جي واڌ سان 26 ارب 10 ڪروڙ، پرڏيهي مٽاسٽا جي ناڻي جا ذخيرا 16.4 ارب ڊالر آهن. اهڙيءَ ريت سڌيءَ ريت پرڏيهي سيڙپڪاري 1.6 سيڪڙو جي گهٽتائي س??ن 1455.6 ارب ڊالر رڪارڊ ڪئي وئي. هلندڙ مالي س??ل دوران مارچ جي پڄاڻيءَ تائين ڪل سرڪاري قرض 44366 ارب رپين تائين پهچي ويو آهي. جولاءِ کان اپريل 2022ع دوران تيل جو امپورٽ بل 95.9 ارب ڊالر سان 17 ارب 3 ڪروڙ ڊالر رهيو، احساس ڪفالت پروگرام تحت لاڀ کڻندڙن جو انگ 80 لکن تائين وڌايو ويو. ناڻي واري وزير مفتاح اسماعيل، رٿابندي واري وفاقي وزير احسن اقبال، بجلي واري وفاقي وزير خرم دستگير خان، ناڻي بابت مملڪتي وزير عائشه غوث پاشا گڏيل پريس ڪانفرنس ۾ اقتصادي س??وي جاري ڪيو. اقتصادي س??وي 22-2021ع مطابق مالي س??ل 2022ع ۾ خام قومي پيداوار (جي ڊي پي) جي اؤسر واري شرح ۾ 5.97 سيڪڙو اضافو ٿيو، جڏهن ته هاڻي به بنيادي معيشت عدم توازن جو شڪار آهي، ان کان علاوه ملڪي ۽ عالمي غير يقيني وارين حالتن جي ڪري معيشت عدم استحڪام کي مُنهن ڏئي رهي آهي. پاڪستان جي معيشت ڪورونا وبا مالي س??ل 2020ع ۾ 0.94 سيڪڙو سڪڙجڻ باوجود بحاليءَ طرف پيش قدمي جاري رکي ۽ گذريل مالي س??ل 2021ع ۾ اؤسر واري شرح 5.74 سيڪڙو رهي. دنيا جڏهن ڪورونا جي اثرن کان نڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهي هئي ته اوميڪرون جي پکيڙ، افغانستان ۾ حڪومت جي تبديلي ۽ـ روس يوڪرين تڪرار سبب ان سان معاشي صورتحال غير يقيني جو شڪار آهي. مالي س??ل 2022ع ۾ خام قومي پيداوار ۽ موجوده منڊين جي قيمتن تي 66950 ارب رپيا هئا، جي??ا گذريل سال 55796 بلين رپيا هئا، اهڙيءَ طرح ان ۾ 20.0 سيڪڙو جو اضافو ٿيو. جڏهن ته ڊالر جي اصطلاح ۾ اهو اضافو 383 بلين ڊالر آهي. مالي س??ل 2022ع ۾ في ڪس آمدني 1798 ڊالر رڪارڊ ڪئي وئي جي??ا خوشحاليءَ ۾ بهتريءَ جي عڪاسي آهي. مالي س??ل 2022ع ۾ بچت- سيڙپڪاريءَ جي وچ ۾ فرق ۾ اضافو ٿيو. جولاءِ کان اپريل 2022ع ۾ ڪرنٽ اڪائونٽ خسارو 13.8 بلين ڊالر رهيو، جڏهن ته گذريل سال انهيءَ عرصي دوران ڪرنٽ اڪائونٽ خسارو 0.5 بلين ڊالر هو. مالي س??ل 2022ع ۾ سيڙپڪاريءَ جي لحاظ کان خام قومي پيداوار جي شرح 15.1 في سيڪڙو رهي جڏهن ته مالي س??ل 2021ع ۾ اها شرح 14.6 سيڪڙو هئي. نيشنل اڪائونٽس جي انگن اکرن مطابق مالي س??ل 2022ع ۾ شين ۽ خدمتن جي ايڪسپورٽ ۾ 39 سيڪڙو اضافو ٿيو، جڏهن ته شين ۽ خدمتن جي امپورٽ ۾ 46 سيڪڙو اضافو ٿيو. زراعت جي شعبي ۾ اؤسر واري شرح 4.4 سيڪڙو رهي، جنهن جو بنيادي س??ب فصلن ۾ 6.6 سيڪڙو ۽ـ چوپائي مال ۾ 3.3 سيڪڙو جو اضافو آهي. اهم فصلن ۾ 7.2 سيڪڙو، ٻين فصلن ۾ 5.4 سيڪڙو ۽ ڪاٽن جننگ جي شعبي ۾ 9.22 سيڪڙو اؤسر واري شرح سان فصلن ۾ اضافو رڪارڊ ڪيو ويو. زراعت جي ٻين شعبن ٻيلي ۽ ماهيگيريءَ ۾ ترتيبوار 6.1 سيڪڙو ۽ 0.3 سيڪڙو اضافو رڪارڊ ڪيو ويو. صنعتي شعبي ۾ مالي س??ل 2022ع ۾ 7.2 سيڪڙو جي اؤسر رڪارڊ ڪئي وئي، جڏهن ته گذريل مالي س??ل 2021ع ۾ صنعتي شعبي جي ڪارڪردگيءَ ۾ 7.8 سيڪڙو جو اضافو ٿيو. وڏي پيماني تي شين جي تياري واري صنعت ۾ 65.0 سيڪڙو آهي. کاڻين ۽ کوٽائيءَ جي شعبي ۾ ڪاٽو 4.5 سيڪڙو جي اؤسر واري شرح، جڏهن ته بجلي، گيس ۽ پاڻيءَ جي فراهمي جي ذيلي شعبن ۾ 7.9 سيڪڙو جي اؤسر واري شرح ۾ اضافو رڪارڊ ڪيو ويو. تعميراتي شعبي ۾ 3.1 سيڪڙو جي اؤسر واري شرح اضافو رڪارڊ ڪيو ويو. خدمتن جي شعبي ۾ اؤسر واري شرح 6.2 سيڪڙو جي واڌ سان واپار جي ڪاروبار ۾ 10 سيڪڙو، ٽرانسپورٽيشن ۽ اسٽوريج جي شعبي ۾ 5.4 سيڪڙو، رهائش ۽ کاڌي جي خدمتن جي س??گرمين ۾ 4.1 سيڪڙو، انشورنس ۽ـ ماليات ۾ 4.9 سيڪڙو ترقي رهي. ايراضيءَ جي خريد ۽ وڪري جي س??گرمين ۾ 3.7 سيڪڙو، تعليم جي شعبي ۾ 8.7 سيڪڙو، صحت ۽ سماجي ڪمن ۾ 2.2 سيڪڙو، جڏهن ته ٻين نجي خدمتن ۾ 3.8 سيڪڙو جي اؤسر واري شرح ۾ واڌ رڪارڊ ڪئي وئي. مالي س??ل 22-2021ع دوران زراعت جي شعبي جي اؤسر واري شرح 4.40 سيڪڙو تي حوصله افزا رهي آهي جي??ا موجوده سال جي 3.5 سيڪڙو هدف ۽ گذريل سال جي اؤسر واري شرح 3.48 کان وڌيڪ آهي. مالي س??ل 22-2021ع دوران ڪپهه جي پيداوار گذريل سال جي 7.064 ملين ڳٺڙين جي ڀيٽ ۾ 8.329 ملين ڳٺڙيون پيدا ٿيون ۽ ان جي پيداوار ۾ 17.9 سيڪڙو جو اضافو ڏٺو ويو. مالي س??ل 22-2021ع دوران چانورن جي پيداوار 9.323 ملين ٽن رهي جي??ا گذريل سال جي 8.420 ملين ٽن پيداوار کان 10.7 سيڪڙو وڌيڪ رهي. مالي س??ل 22-2021ع دوران ڪمند جي پيداوار 88.654 ملين ٽن رهي جي??ا گذريل سال 81.009 ملين ٽن پيداوار کان 9.4 سيڪڙو وڌيڪ ريه. مالي س??ل 22-2021ع دوران مڪئي جي پيداوار گذريل سال 8.940 ملين ٽن پيداوار جي ڀيٽ ۾ 10.635 ملين ٽن رهي، جي??ا 19 سيڪڙو وڌيڪ هئي. مالي س??ل 22-2021ع دوران ڪڻڪ جي پيداوار 26.394 ملين ٽن رڪارڊ ڪئي وئي جي??ا گذريل سال 27.464 ملين ٽن هئي، جنهن ۾ 3.9 سيڪڙو جي گهٽتائي ڏٺي وئي. ٻين فصلن جن جو زرعي قدر ۾ واڌ وارو حصو رهيو اهو 13.86 سيڪڙو ۽ جي ڊي پي ۾ 3.14 سيڪڙو آهي، ان جي اؤسر واري شرح ۾ 5.44 سيڪڙو جو اضافو ٿيو. جنهن جي ڪري داليون 29.82 سيڪڙو، روغني ٻج 24.75 سيڪڙو، ڀاڄيون 11.52 سيڪڙو، ميوا 1.53 سيڪڙو ۽ گاهه 0.36 سيڪڙو جي پيداوار ۾ اضافو رهيو. گله باني جنهن جو زرعي قدر ۾ واڌ جو حصو 61.89 سيڪڙو ۽ جي ڊي پي ۾ حصو 14.04 سيڪڙو آهي، ان جي اؤسر واري شرح گذريل سال جي 2.38 سيڪڙو جي ڀيٽ ۾ 3.26 سيڪڙو رهي. ماهيگيري جو شعبو جنهن جو زرعي قدر جي واڌ ۾ حصو 1.39 سيڪڙو ۽ جي ڊي پي ۾ حصو 0.32 سيڪڙو آهي، ان جي اؤسر واري شرح ۾ 0.35 سيڪڙو اضافو ٿيو، جڏهن ته ان جي ڀيٽ ۾ گذريل سال جي ان عرصي ۾ ان شعبي جي اؤسر واري شرح 0.73 سيڪڙو هئي. ٻيلن جو شعبو جنهن جو زراعت ۾ حصو 2.14 سيڪڙو آهي ۽ جي ڊي پي ۾ 0.49 سيڪڙو اهي، ان جي اؤسر واري شرح 6.13 سيڪڙو اضافو ٿيو. جڏهن ته ان جي ڀيٽ ۾ گذريل سال جي ان عرصي ۾ ان شعبي جي اؤسر واري شرح ڪاٽو 0.45 سيڪڙو ٿئي. مالي س??ل 22-2021ع دوران چڻن جي پيداوار 319 هزار ٽن رهي، ان لاءِ چڻن جي پيداوار ۾ گذريل سال جي ڀيٽ ۾ 36.3 سيڪڙو رڪارڊ ڪيو ويو جي??و موسم جي بهتر صورتحال ۽ بهتر ٻج جي دستيابي جي ڪري ممڪن ٿيو. مالي س??ل 22-2021ع دوران مرچن، پٽاٽن ۽ مڱن جي پيداوار ۾ ترتيبوار 36.6، 35.1، 29.0 سيڪڙو جو اضافو ٿيو. اهڙيءَ طرح ماش ۽ـ بصر جي پيداوار ۾ تريباور 11.6 ۽ 8.5 سيڪڙو جي گهٽتائي ٿي. جڏهن ته گذريل سال جي ڀيٽ ۾ مسور جي پيداوار هڪجيتري رهي. مالي س??ل 22-2021ع (جولاءِ کان مارچ) زراعت جو قرض ڏيندڙ ادارن 958.3 بلين رپين جي رقم ڏني جي??ا گذريل سال جي ان عرصي دوران 953.7 ارب رپين جي حساب سان 0.5 سيڪڙو وڌيڪ آهي. خريف 2021ع جي فصلن لاءِ پاڻيءَ جي ڪل دستيابي 65.08 ملين ايڪڙ فوٽ رڪارڊ ڪئي وئي جي??ا خريد 2020ع جي ڀيٽ ۾ 0.05 سيڪڙو گهٽ رٿي. ربيع 22-2021ع دوران پاڻيءَ جي ڪل دستيابي 27.42 ملين ايڪڙ فوٽ رڪارڊ ڪئي وئي جي??ا ربيع 21-2020ع کان 12 سيڪڙو گهٽ آهي. مالي س??ل 22-2021ع (جولاءِ کان مارچ) دوران ڀاڻ جي ملڪي پيداوار ۾ گذريل سال جي ان عرصي جي ڀيٽ ۾ پيداوار 1.9 سيڪڙو جو اضافو ٿيو جنهن جو بنيادي س??ب فاطمه فرٽيلائيزر ۽ ايگريٽيڪ کي اضافي گيس جي فراهمي آهي. جڏهن ته ڀاڻ جي استعمال ۾ 6.2 سيڪڙو گهٽتائي ٿي. جولاءِ کان مارچ مالي س??ل 2022ع دوران وڏي پيماين تي مينيوفيڪچرنگ (ايل ايس ايم) جي اؤسر واري شرح ۾ 0.4 سيڪڙو اضافو ٿيو، جڏهن ته گذريل سال جي ان عرصي ۾ اؤسر واري شرح 4.2 سيڪڙو هئي. صنعتن بابت انگن اکرن مان خبر پوي ٿي ته فرنيچر جي مصنوعات ۾ س?? کان وڌيڪ اضافو 301.8 سيڪڙو، ڪاٺ جي مصنوعات 157.5 سيڪڙو، آٽو موبائل 54.1 سيڙو، ٻي صنعت سازي (فٽ بالز) 37.8 سيڪڙو، ملبوسات 34.0 سيڪڙو، لوهه ۽ اشتيل 16.5 سيڪڙو، تمباڪ 16.7 سيڪڙو، خوراڪ 11.7 سيڪڙو، مشينن ۽ اوزارن ۾ 8.9 سيڪڙو، ڪيميڪلز 7.8 سيڪڙو، ٽيڪسٽائل ۾ 3.2 سيڪڙو اضافو رڪارڊ ڪيو ويو. ان عرصي دوران جن شعبن ۾ ڪاٽو اؤسر رڪارڊ ڪئي وئي انهن ۾ رٻڙ جي مصنوعات 20.6 سيڪڙو، ٻيا چُرپُر ڪندڙ اوزار 10.2 سيڪڙو، فيبري ڪيٽڊ ڌاتو 7.2 سيڪڙو، برقي اوزار 1.1 سيڪڙو، دوا سازي 0.4 سيڪڙو رهي. کاڻين ۽ سرنگن جي شعبي ۾ مالي س??ل 22-2021ع دوران 4.5 سيڪڙو جي گهٽتائي ٿي، جڏهن ته گذريل سال اها شرح مثبت 1.2 سيڪڙو رهي. ڪوئلي، قدرتي گيس، ڪرومائيٽ، خام تيل ۽ بيريٽس ۾ ترتيبوار 4.5، 25.7، 8.3 ۽ 162.5 سيڪڙو اضافو ٿيو، جڏهن ته ڪجهه معدنيات جي اؤسر ڪاٽو رهي، جنهن ۾ ميگني س??ئٽ 52.3 سيڪڙو، جپسم 37.0 سيڪڙو، چن جو پٿر 33.3 سيڪڙو ۽ اوچر 25.5 سيڪڙو ۽ـ پهاڙي لوڻ 24.2 سيڪڙو رهيا.