اسلام آباد – 16 – جون (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف روڊ ٽو مڪه منصوبي تي سعودي قيادت جو ٿورو ا??ا ڪندي چيو آهي ته ان قدم سان هزارين پاڪستاني حاجي سڳورن کي سهولتون فراهم ڪيون وينديون، مستقبل ۾ ان جو دائرو ملڪ جي ٻين شهرن تائين وڌايو ويندو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب اهڙن خيالن جو ا??هار هن سعودي عرب جي سفير نواف بن سعيد احمد المالڪي جي قيادت ۾ ”روڊ ٽو مڪه“ پراجيڪٽ ٽيم سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن خميس ڏينهن هتي ساڻس ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ سعودي ڊپارٽمينٽ آف دي جنرل ڊائريڪٽوريٽ آف پاسپورٽ جي منصور شاهد ايس الطائيبي به ??وج??د هو، سعودي وفد جي آجيان ڪندي وزيراعظم ان ڳالهه جو ورجاءُ ڪيو ته پاڪستان ۽ سعودي عرب جا تاريخي ڀائراڻا لاڳاپا آهن، هن چيو ته علائقائي ۽ عال??ي سطح تي گڏيل دلچسپي جي سمورن معاملن تي ٻنهي ملڪن جو موقف گڏيل آهي، هن چيو ته ٻئي ملڪ وقت جي لاهن چاڙهن ۾ ??ڪٻ??ي سان گڏ بيٺل رهيا، وزيراعظم روڊ ٽو مڪه منصوبي تي سعودي قيادت جو ٿورو ا??ا ڪندي چيو ته ان قدم تحت هزارين پاڪستاني حاجي سڳورن کي سهولتون فراهم ڪيون وينديون، هن چيو ته ”روڊ ٽو مڪه“ قدم مستقبل ۾ پاڪستان جي ٻين شهرن تائين وڌايو ويندو، سعودي سفير ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ واپار، ترقي ۽ سيڙپڪاري جي شعبن ۾ ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي خواهش جو ا??هار ڪيو. ”روڊ ٽو مڪه“ قدم جو مقصد سعودي اميگريشن ۽ ڪسٽم بابت رسمي ڪاررواين کي حج لاءِ اسلام آباد انٽرنيشنل ايئرپورٽ تي روانگي کان اڳ مڪمل ڪرڻ آهي، سعودي سفير چيو ته سعودي ٽيم اهڙن حاجي سڳورن جي ملڪ کان روانگي کان اڳ انهن جي سهولت لاءِ پاڪستان ۾ ??وج??د آهي.