اسلام آباد – 17 – جون (اي پي پي) پاڪستان پيپلزپارٽي جي مرڪزي اڳواڻ ۽ بينظير انڪم سپورٽ پروگرام (بي آءِ ايس پي) جي وفاقي وزير شازيه مري چيو آ??ي ته پيپلزپارٽي غريبن جي مشڪلاتن جي خاتمي لاءِ عملي جدوجهد تي يقين رکي ٿي، بي آءِ ايس پي تحت ماڻهن کي انهن جي گهرن تي امدادي رقم جي فراهمي لاءِ ڪوشان آهيون. هن پارليامينٽ هائوس ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ملڪ کي معاشي ۽ اقتصادي طور تي عمران خان جيترو نقصان پهچايو ان جو مثال تاريخ ۾ نٿو ملي، پاڻ کي اي??ان??ار چوندڙ عمران خان غير ملڪي فنڊنگ جو حساب ڏيڻ کان راهه فرار اختيار ڪري رهيو آ??ي، هن چيو ته عمران خان ٻ??هرين محاذ تي ملڪ کي اڪيلو ڪري ڇڏيو، پرڏ??هي وزير بلاول ڀٽو هن وقت دنيا ۾ پاڪستان جي تشخص کي بهتر بڻائڻ جي جنگ وڙهي رهيو آ??ي. هن چيو ته عمران امپائر کانسواءِ اليڪشن وڙهي کيس خبر پئجي ويندي ته عوام گڏ آهي يا نه، هونئن به عوام سندس ڌرڻي جي سڏ کي رد ڪري پنهنجو فيصلو ٻڌائي ڇڏيو آ??ي، هن چيو ته هن وقت پاڪستان کي مشڪل حالتن مان ڪڍڻ لاءِ سڀني کي گڏجي ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي.