اسلام آباد – 14 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته يتيم ٻارن جي مٿان شفقت جو هٿ رکڻ اهم ذميواري ۽ خدمت آهي، حڪومت سوئيٽ هومز جي ٻارن جي بهتري ۽ ترقي جي لاءِ وڌيڪ قدم کڻندي، يتيم ٻارن جي ڪفالت ۽ تعليم ۽ تربيت جو فرض کڻي زم??د خان ۽ ان جا ساٿي هڪ عظيم ڪم ڪري رهيا آهن، وزيراعظم سوئيٽ هومز جي ٻارن جي لاءِ بسن جو تحفو ڏيڻ جو اعلان پڻ ڪيو. وزيراعظم آزادي ڏهاڙي جي ڊائمنڊ جوبلي جي موقعي تي پاڪستان سوئيٽ هومز جو دورو ڪيو ۽ جشن آزادي جي حوالي سان تقريب ۾ شرڪت ڪئي. سوئيٽ هومز جي ٻارن پاران وزيراعظم جي اچڻ تي سندس شاندار آجيان ڪئي وئي. سوئيٽ هومز جي خاڪي ورديءَ پهريل ٻارن مارچ پاسٽ ڪيو ۽ وزيراعظم کي سلامي ڏني. ا?? موقعي تي وزيراعظم سان گڏ اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب، سرپرست اعليٰ پاڪستان سوئيٽ هومز زم??د خان، وفاقي وزير مرتضيٰ جاويد عباسي، حنيف عباسي، انجم عقيل، چوڌري ياسين پڻ موجود هئا. ا?? موقعي تي خطاب ڪندي وزيراعظم شهباز شريف چيو ته اڄ پوري قوم آزادي جو ڏهاڙو ملهائي رهي آهي ۽ اها آزادي جي ڏهاڙي جي 75 هين سالگرهه آهي جيڪا پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ پاڪستاني ملهائي رهيا آهن، پاڪستان سوئيٽ هومز ۾ قوم جي پياري ٻارن سان ملي تمام گهڻي خوشي ٿي رهي آهي، اهو صدقه جاريه آهي، زم??د خان ۽ سندس ساٿين اها عظيم ذميواري سنڀالي آهي. اهڙا ٻار جيڪي والدين جي ڇانوَ کان محروم آهن ان??ن جي مٿان شفقت جو هٿ رکندڙ دين ۽ دنيا ٻئي ڪمائي رهيا آهن، ان جو الله ان??ن کي اجر ڏيندو، اهي هڪ قومي خدمت جو فرض سرانجام ڏئي رهيا آهن. سوين بي سهارا ٻارن کي تعليم جي زيور سان آراسته ڪري رهيا آهن، ان??ن جي لاءِ مفت تعليم، رهائش ۽ کاڌي جو اهتمام ڪيو ويو آهي. ان??ن کي جديد علوم سان آراسته ڪري رهيا آهن ان کان وڏي ڪا قومي خدمت نه ٿي ٿي سگهي. هن چيو ته اهي ٻار جن کان ان??ن بابت هينئر معلوم ڪيو، ان??ن جا والدين فوت ٿي چڪا اهن ۽ ان??ن جي خاندانن جي لاءِ ڪافي معآشي مشڪلاتون آهن، زم??د خان کي اهي پنهنجو پاپا جاني چوندا آهن، هي حقيقي معنيٰ ۾ هڪ پيءُ ۽ استاد جو رول ادا ڪري رهيو آهي ۽ ان??ن جي مٿان هٿ رکي رهيو آهي، ان کان وڏي ڪا انساني خدمت نه ٿي ٿي سگهي. هن زم??د خان کي مبارڪباد ڏيندي چيو ته قران ڪريم ۾ يتيمن سان شفقت سان پيش اچڻ جو حڪم آهي ۽ ان??ن جي مال ۾ ذرو به ملاوٽ نه هجڻ ڏيڻ جو حڪم آهي، ٻاروتڻ ۾ ان??ن جي مال جي حفاظت ۽ وڏي ٿيڻ تي ان??ن جي اها امانت ان??ن جي حوالي ڪرڻ جو حڪم آهي. هن چيو ته قرآن ڪريم ۾ جڳهه جڳهه تي يتيمن بابت رحمدلي جو حڪم آيو آهي. سوئيٽ هومز ۾ ان جي عملي تصوير ڏٺي آهي. هن چيو ته ان??ن يتيم ٻارن سان هي جشن آزادي ملهائي رهيا آهيون جيڪي سڄي ملڪ مان هڪ گلدستي جي شڪل ۾ هتي موجود آهن. هن چيو ته ٻارن جشن آزادي جي حوالي سان جذباتي ۽ شاندار تقريرون ڪيون آهن، ان تي ان??ن جي استادن کي به خراج تحسين ۽ سلام پيش ڪريون ٿا. جيڪي استاد ان??ن کي تعليم ڏئي رهيا آهن ان??ن جي قابليت ۽ محنت جي جهلڪ ان??ن ٻارن جي تقريرن ۾ نظر آئي. الله پاڪ ان??ن ٻارن کي وڏو عظيم پاڪستاني بڻائي، توهان پاڪستان جا عظيم فرزند ۽ ڌيئرون آهيو. هن زم??د خان کي دعوت ڏني ته هو ٻڌائي ته حڪومت سندس ڪهڙي خدمت ڪري سگهي ٿي. ان جي جائز ضرورتن ۾ پاڪستان حڪومت ان جو پوري طرح ساٿ ڏيندي، ان??ن ٻارن کي بهترين سهولتن جي فراهمي لاءِ هر وقت حاضر آهيون. زم??د خان پاران ٻارن جي لاءِ ٽرانسپورٽ جو مسئلو اٿارڻ تي وزيراعظم سوئيٽ هومز جي ٻارن لاءِ بسن جو تحفو ڏيڻ جو اعلان ڪيو. هن چيو ته ان عظيم درسگاهه کي سگهه ڏيڻ جي لاءِ جيڪا خدمت گهربل هوندي ڪنداسين. وزيراعظم ا?? موقعي تي پاڪستان ۽ قائداعظم زندهه آباد جا نعرا پن لڳرايا. جنهن جو ٻارن ڀرپور جواب ڏنو. هن ا?? موقعي تي ٻارن سان گڏ جشن آزادي جو ڪيڪ ڪاٽيو ۽ ان??ن ٻارن کي ڪيڪ به کارايو. وزيراعظم ٻارن سان گهلي ملي ويو ۽ ان??ن سان ڳالهه ٻولهه پڻ ڪئي.