اسلام آباد – 06 – سيپٽمبر (اي پي پي) وفاقي ڪابينا ??وڏ متاثرين ۾ بينظير انڪم سپورٽ پروگرا?? جي ذريعي ورڇ ٿيندڙ رقم 28 ارب رپين مان وڌائي 70 ارب رپيا ڪرڻ ۽ رقم شفاف طريقي سان ??وڏ سٽيلن تائين پهچائڻ جي حڪمت عملي جي لاءِ ڪميٽي جوڙڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي جڏهن ته وزيراعظم شهباز شريف ??وڏ متاثرين جي لاءِ امدادي شيون موڪلڻ تي عالمي برادري جا ٿورا مڃيندي چيو آهي ته هي قومي الميو آهي جنهن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ سمورين پارٽين ??ي قومي جذبي سان سرشار ٿي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي. وفاقي ڪابينا جو اجلاس وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ وزيراعظم هائوس ۾ ٿيو. ڪابينا پاڪستان جي دفاع ۽ شهيدن جي ڏهاڙي جي موقعي تي پاڪ فوج جي شهيدن ۽ ??وڏ ريلن جي ور چڙهي ويندڙن جي مغفرت ۽ درجن جي بلندي لاءِ دعا ڪئي. نيشنل ڊيزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي (اين ??ي ايم اي) وفاقي ڪابينا کي سڄي ملڪ ۾ ??وڏ ۽ ان سان ٿيندڙ تباهي جي موجوده صورتحال ۽ وفاقي ۽ صوبائي کاتن پاران جاري ريسڪيو، ريليف ۽ بحالي جي سرگرمين تي تفصيلي بريفنگ ڏني. ڪابينا کي ٻڌايو ويو ته تازي ??وڏ پاڪستان جي تاريخ جي سڀ کان وڏي ??وڏ آهي جنهن ۾ سنڌ ۽ بلوچستان بُري طرح متاثر ٿيا آهن، 81 ضلعن جون 6615 يونين ??ائونسلون سخت متاثر ٿيون آهن. انهن ۾ بلوچستان جا 32، سنڌ جا 23، خيبرپختونخواهه جا 17، گلگت بلتستان جا 6 ۽ پنجاب جا 3 ضلعا شامل آهن. 14 جون کان هيستائين پوري پاڪستان ۾ گذريل 30 سالن جي ڀيٽ ۾ 190 سيڪڙو وڌيڪ برساتون ٿيون آهن جڏهن ته سنڌ ۾ ان جي شرح 465 سيڪڙو ۽ بلوچستان ۾ 437 سيڪڙو رهي آهي. سڄي ملڪ ۾ مرد، عورتن ۽ ٻارن سميت 1325 ماڻهو فوت ٿيا، جن ۾ سنڌ جا 522، خيبرپختونخواهه جا 289، بلوچستان جا 260، پنجاب جا 189، آزاد ڄمون ڪشمير جا 42، گلگت بلتستان جا 22 ماڻهو شامل آهن، مجموعي طور تي پوري ملڪ ۾ هيستائين 12 هزار 703 ماڻهو زخمي ٿيا جن ۾ سنڌ جا 8321، پنجاب جا 3844، خيبرپختونخواهه جا 348، بلوچستان جا 164، آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جا 21 ۽ گلگت بلتستان جا 5 ماڻهو شامل آهن، تازين تاريخي چوماسي برساتن جي ڪري سڄي ملڪ ۾ 16 لک 88 هزار گهر، 246 رابطا پليون، 5 هزار 735 ڪلوميٽر تي ٻڌل رستا ۽ 7 لک 50 هزار چوپايو مال برساتي وهڪرن جي ور چڙهي ويو. وزيراعظم ان ڳالهه تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو ته ڪجهه علائقن جهڙوڪ سوات ۾ انساني غفلت جي ڪري تباهي آئي جتي ريور بيڊ ۾ غيرقانوني طور تي هوٽل تعمير ڪيا ويا. وزيراعظم لاڳاپيل عملدارن کي هدايت ئي ته اهي ريور بيڊ ۾ زمين جي استعمال بابت زونگ قانونن ۽ ضابطن تي عملدرآمد کي يقيني بڻائين ته جيئن مستقبل ۾ اهڙي ڪنهن به تباهي کان بچي سگهجي. وزيراعظم چيو ته اسان کي اهڙن معاملن تي سياست بازي کان پاسو ڪرڻ گهرجي. ڪابينا کي ٻڌايو ويو ته ڪجهه ڏينهن اڳ ??وڏ سٽيلن جي ريسڪيو ۽ ريليف جي ڪوششن کي تيز ڪرڻ جي لاءِ وزيراعظم نيشنل فلڊ ريسپانس اينڊ ڪوآرڊينيشن سينٽر (اين ايف آر سي سي) قائم ڪيو. اين ايف آر سي سي جي عملدارن ڪابينا کي ٻڌايو ته اندازي موجب سڄي ملڪ ۾ پاڻي هيٺ زمين جو 80 کان 90 سيڪڙو ڪڻڪ جي پوکيءَ جي لاءِ موزون بڻائي سگهجي ٿو، ٻي صورت ۾ ملڪ ۾ خوراڪ جو شديد بحران پيدا ٿيڻ جو خدشو آهي. وزيراعظم بي آءِ ايس پي جي ذريعي 12 لک ??وڏ کان متاثر خاندانن ۾ ترجيحي بنيادن تي 25 هزار رپيا في خاندان فلڊ ريليف ڪيش جي ورڇ يقيني بڻائڻ جو اهتمام ڪيو آهي. ان مقصد جي لاءِ وزيراعظم شروعاتي طور تي 28 ارب رپيا رکيا، هيستائين 20 ارب رپيا ??وڏ کان متاثر خاندانن ۾ ورهايا ويا آهن جڏهن ته باقي 8 ارب رپيا ايندڙ ٽن ڏينهن ۾ ورهائجي ويندا، ان فلڊ ريليف ڪيش جو 55 سيڪڙو بلوچستان ۾ ورهايو ويو آهي. ??وڏ جي تباهين ۾ اضافي کي نظر ۾ رکندي وفاقي ڪابينا بي آ3 ايس پي جي ذريعي ورڇ ڪئي ويندڙ 28 ارب رپين جي رقم کي وڌائي 70 ارب رپيا ڪرڻ جي منظوري ڏني. ڪابينا ان رقم کي شفاف طريقي سان ??وڏ سٽيلن تائين پهچائڻ جي لاءِ حڪمت عملي جو جائزو وٺڻ جي لاءِ ڪميٽي جوڙڻ جي منظوري ڏني. ڪابينا کي ٻڌايو ويو ته وزيراعظم ??وڏ متاثرين جي بحالي لاءِ سنڌ کي 15 ارب رپيا، بلوچستان کي 10 ارب رپيا، خيبرپختونخواهه کي 10 ارب رپيا جڏهن ته گلگت بلتستان کي 3 ارب رپين جي مالي امداد ڏيڻ جو پڻ اعلان ڪري رکيو آهي. وفاقي حڪومت اين ??ي ايم اي جي ذريعي ??وڏ ۾ فوت ٿيندڙن جي خاندانن کي 10 لک في ڪس جي مالي امداد پن مهيا ڪري ڇڏي آهي. وزيراعظم اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب ۽ موسمياتي تبديلي واري وفاقي وزير شيري رحمان جي ڪوششن کي ساراهيو جن ??وڏ جي تباهين بابت ملڪي ۽ عالمي سطح تي ميڊيا تي موثر انداز سان آگاهي ??هم هلائي. وزيراعظم ان ڳالهه تي زور ڏنو ته ملڪ کي قدرتي آفتن کان بچائڻ جي لاءِ پاڻي جي نيڪالي جو موثر نظام ۽ بهتر انفراسٽرڪچر جي تعمير لازمي آهي. وزيراعظم اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت، موسمياتي تبديلي واري وزارت، مواصلات واري وزارت، توانائي واري وزارت، اقتصادي معاملن واري ڊويزن (اي اي ڊي)، پلاننگ ڪميشن، بينظير انڪم سپورٽ پروگرام (بي آ3 ايس پي)، ريلوي واري وزارت ۽ فرنٽيئر ورڪس آرگنائيزيشن (ايف ڊبليو او) جي عملدارن جي پڻ ساراهه ڪئي جيڪي ??وڏ جي تباهين جا اثر گهٽ ڪرڻ ۽ آفت ۾ گهيريل مُلڪ واسين جي آگاهي، ريليف ۽ ريسڪيو جي لاءِ ڏينهن رات ڪم ڪري رهيا آهن. ريلوي ۽ هوابازي واري وزير خواجه سعد رفيق ڪابينا کي ٻڌايو ته پاڪستان ريلوي جون چار ئي لائينز ??وڏ ريلي سان بُري طرح متاثر ٿيون آهن ۽ ڪوئيٽا – سبي سيڪشن ۾ هڪ رابطا پل تباهه ٿيڻ جي ڪري ريلوي جا آپريشنز اڃا تائين بند آهن. توانائي واري وفاقي وزير انجنيئر خرم دستگير ڪابينا کي ٻڌايو ته بلوچستان جي 810 ميگاواٽ جي ٽن وڏين بجلي ٽرانسميشن لائينن مان ٻه بحال ڪيون ويون آهن. توانائي واري وزارت ڪابينا کي ٻڌايو ته سڄي ملڪ ۾ رڳو اهي ئي گرڊ اسٽيشنز بند آهن جيڪي اڃا تائين پاڻي هيٺ آهن. ان موقعي تي پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري سنڌ ۾ ??وڏ جي صورتحال ۽ امدادي سرگرمين بابت ڪابينا کي آگاهه ڪيو. وزيراعظم ان کي يقين ??ياريو ته اين ??ي ايم اي ۽ پي ڊي ايم ايز جي گڏيل رابطي ۽ تعاون سان صوبائي حڪومتن کي ??وڏ کان متاثر خاندانن جي لاءِ خيما ۽ مڇردانيون ترجيحي بنيادن تي مهيا ڪيون وينديون. وزيراعظم ان سلسلي ۾ اين ??ي ايم اي ۽ سمورين پارٽين جي نمائندن جو هنگامي اجلاس سڀاڻي طلب ڪري ورتو. وزيراعظم منصوبابندي واري وزير ۽ اين ??ي ايم اي چيئرمين ??ي فوري طور تي ڪراچي روانو ٿيڻ جو حڪم ڏنو ته جيئن سنڌ جي صوبائي حڪومت سان گڏجي ريليف ۽ بحالي جي سرگرمين ??ي بهتر بڻائي سگهجي ڇو ته سنڌ ??وڏ جي تباهين سان سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيندڙ صوبو آهي. ان سلسلي ۾ اين ??ي ايم اي چيئرمين ??ابينا کي ٻڌايو ته هيستائين سنڌ ۾ 24 هزار خيما مهيا ڪيا ويا آهن. وزيراعظم عالمي برادري خاص طور تي چين، ترڪيءَ، گڏيل عرب امارات، جاپان، ازبڪستان، قطر، فرانس ۽ ترڪمانستان سان گڏوگڏ يو اين آءِ سي اي ايف ۽ يو اين ايڇ سي آر جا ٿورا مڃيا آهن جن پاران ??وڏ متاثرين جي لاءِ امدادي شيون پاڪستان پهچڻ شروع ٿي ويون آهن. گڏيل عرب امارات پاڪستان کي 5 ڪروڙ ڊالر جو امدادي سامان موڪليو آهي. ترڪيءَ پاران ضروري امدادي سامان جي پهرين ??يپ ٻه اڳ ملي آهي. چين پنهنجي امدادي رقم ۾ 40 ڪروڙ آر ايم بي جو اضافو ڪيو آهي جڏهن ته برطانيا امدادي رقم کي 15 لک مان وڌائي 1 ڪروڙ 50 لک پائونڊ ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي. آمريڪا 3 ڪروڙ ڊالر ۽ پرنس آغا خان 1 ڪروڙ ڊالر جي امداد جو اعلان ڪيو آهي. سعودي عرب امدادي پروگرا?? جي شروعات ڪري رهيو آهي جڏهن ته قطري امير ۽ اماراتي صدر هر قس?? جي مدد جو واعدو ڪيو آهي. ورلڊ بئنڪ (ڊبليو بي)، ايشيائي ترقياتي بئنڪ (اي ڊي بي) ۽ جائيڪا پاڪستان کي ان آفت کي منهن ڏيڻ جي لاءِ امداد مهيا ڪري رهيا آهن. ڪابينا کي ٻڌايو ويو ته 2010ع جي ??وڏ دوران اعليٰ غيرملڪي شخصيتن پاڪستان جو دورو ڪيو ۽ ??وڏ سٽيلن جي بحالي ۾ ڀرپور ڪردار ادا ڪيو. وزيراعظم چيو ته موجوده صورتحال ان کان ڪيترائي ڀيرا بدتر آهي، ان لاءِ آئون هر ڏينهن ذاتي طور تي اعليٰ غيرملڪي شخصيتن کي ٻيهر پاڪستان جو دورو ڪرڻ تي قائل ڪري رهيو آهيان ڇو ته اسان سڀ گڏجي ئي ان آفت تي ضابطو آڻي سگهون ٿا. اچو اسان ان چئلينج کي قبول ڪريون ۽ پنهنجي ڏکويل هم وطنن جي بحالي ۽ خدمت ۾ جُڙي وڃون. وزيراعظم ان موقعي تي غيرملڪي ميڊيا جا پڻ ٿورا مڃيا جنهن حقيقتن تي ٻڌل رپورٽنگ ڪري ان سلسلي ۾ وڌ کان وڌ آگاهي پيدا ڪئي. وزيراعظم پاڪستاني سرندي وارن ۽ پارٽين سان گڏوگڏ اسلام آباد چيمبر آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري (آءِ سي سي آءِ) ۽ ملڪ جي ٻين ??يمبرز آف ڪامرس اينڊ انڊسٽريز جا پڻ ٿورا مڃيا جيڪي ??وڏ متاثرين جي مدد لاءِ وزيراعظم فلڊ ريويف فنڊ ۾ وڌي چڙهي حصو وٺي رهيا آهن. انهن جي ڪوششن جي ڪري سڄي پاڪستان ۾ ??وڏ متاثرين جي مدد ڪرڻ جو ڪم هڪ تحريڪ جي شڪل اختيار ڪيو ويو آهي. وزيراعظم ان سلسلي ۾ قومي ميڊيا جي ڪردار کي پڻ ساراهيو جنهن سڄي دنيا کي پاڪستان ۾ ??وڏ جي تباهين جي اصل صورتحال کان هر لمحي آگاهه ڪيو. وزيراعظم وڏن وزيرن، چيف سيڪريٽرين ۽ سمورن صوبائي کاتن جا پڻ ٿورا مڃيا جن ??وڏ ۾ ڦاٿل ماڻهن جي ريسڪيو ۽ ريليف ۾ وڌي چڙهي حصو ورتو. وزيراعظم سياسي وابستگي کان مٿانهون ٿي خلق خدا جي خدمت لاءِ سمورن وفاقي ۽ صوبائي ادارن کي گڏجي ڪم ڪرڻ جي هدايت ڪئي. هن وڌيڪ چيو ته هي هڪ قومي الميو آهي جنهن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ سمورين پارٽين ??ي قومي جذبي سان سرشار ٿي پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي ڇو ته اسان سڀ کان اڳ پاڪستاني آهيون. ڏکيائين جي باوجود اسان کي قومي وحدت جو مظاهرو ڪري مشڪل ۾ گهيريل مُلڪ واسين جي خدمت کي يقيني بڻائڻو آهي. وفاقي ڪابينا اي سي سي جي 30 آگسٽ 2022ع جي فيصلن جي توثيق ڪئي جن ۾ اين ايڇ اي پاران بزنس پلان، جي 20 ڊيٽ سروس معطلي جي قدمن، 2 ملين ميٽرڪ ٽن تائين ??ڻڪ جي اسٽريٽجڪ ذخيرن جي ري فڪسنگ، ??وڏ متاثرين جي لاءِ هنگامي امداد ۽ ايف اي ٽي ايف/ اي پي جي جائزه ٽي?? جي لاڳاپيل جاين جي دورن جي خرچن ۽ انتظامن جي منظوري شامل آهي.