اسلام آباد – 05 – آڪٽوبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ان??ور??س ڪمپنين ۽ ٻين ڌرين تي زور ڏنو آهي ته آبادگارن جي سهولت لاءِ فصل جي ان??ور??س جو خودڪفيل ماڊل تيار ڪيو وڃي، ميڊيا جي ذريعي آبادگارن کي فصل ان??ور??س بابت آگاهي ڏيڻ جي ضرورت آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ايوان صدر ۾ فصل جي ان??ور??س بابت ڌرين جي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ سينيٽر ثانيه نشتر، پنجاب جي زراعت واري وزير سيد حسين جهانيان گرديزي، وفاقي ان??ور??س محتسب ڊاڪٽر محمد خاور جميل ۽ اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان، نيشنل ڊيزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي، ان??ور??س ڪمپنين جي نمائندن ۽ ٻين ش??ڪت ڪئي. صدر چي?? ته آبادگارن جي لاءِ هڪ مڪمل سوچيل سمجهيل، عملي ۽ دوستاڻي ٺوس حڪمت عملي طئي ڪئي وڃي جنهن جي لاءِ نجي ۽ سرڪاري شعبن جي سمورين ڌرين سان مشاورت کانپوءِ آبادگارن کي آسان طريقيڪار تحت فصل جي ان??ور??س جي سهولت فراهم ڪئي وڃي. هن چي?? ته آبادگارن کي فصل جي خرابي ۽ انساني ساخته ۽ قدرتي آفتن سان فصل جي نقصان کان بچائڻ پاڪستان جي لاءِ غذائي تحفظ کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ تمام ضروري آهي ڇ?? ته زراعت پاڪستان جي معيشت جو سڀ کان وڏو شعبو آهي ۽ اسان جي آبادي جي هڪ وڏي انگ جو سڌي طرح ۽ اڻ سڌي طرح دارومدار ان ش??بي تي آهي. صدر چي?? ته پاڪستان انهن 10 ملڪن ۾ شامل آهي جيڪي گلوبل وارمنگ سان پيدا ٿيندڙ قدرتي افتن جو سڀ کان وڌيڪ خطرو رکن ٿا ۽ ان رجحان جي ڪري آبادگارن کي بار بار ٻوڏ، ڊگهي سوڪهڙي، غيرمتوقع موسمي حالتن ۽ جيتن جي حملن جي ڪري اڪثر نقصانن کي منهن ڏيڻو پوي ٿو. هن هڪ جديد ترين سيٽلائيٽ اميجري تي ٻڌل موسم جي اڳڪٿي جو نظام قائم ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو جيڪو صحيح اڳڪٿي خاص طور ت?? ٻوڏ بابت قيمتي ۽ مستنند ڊيٽا فراهم ڪرڻ جي قابل ه??ي ته جيئن آبادگارن کي فصل جي تباهي کان بچڻ جي لاءِ قيمتي معلومات ملي سگهي. اجلاس ۾ فيصلو ڪيو وي?? ته فصل جي ان??ور??س جي حوالي سان عمل جوڳو حل تجويز ڪرڻ جي لاءِ مختلف ڌرين جو هڪ فني ورڪنگ گروپ جوڙيو ويندو.