اسلام آباد – 05 – آڪٽوبر (اي پي پي) صدر ??اڪ??ر عارف علوي چيو آهي ته اسٽريٽ چلڊرن ۽ 20 ملين کان وڌيڪ اسڪول نه ويندڙ ٻارن کي باقاعده تعليم جي ڌارا ۾ ??ام?? ڪرڻ انهن کي قيمتي انساني وسيلن ۾ تبديل ڪرڻ جي لاءِ انتهائي اهميت رکندڙ آهي. صدر اهڙن خيالن جو اظهار انڊر 16 اسٽريٽ چلڊرن جي ٽيم ۽ م??لم هينڊز جي عهديدارن سان ڳالهائيندي ڪيو. اها ٽيم اسٽريٽ چلڊرن ورلڊ ڪپ قطر 2022ع ۾ پاڪستان جي نمائندگي ڪندي. صدر م??لم هينڊز پاران بي سهارا ٻارن جي مدد، انهن کي صحتمند ۽ تعميري سرگرمين ۾ ??ام?? ڪرڻ، مناسب تربيت، تعليم، سماجي ۽ مواصلاتي مهارتن ۽ اعتماد سان گڏوگڏ فٽ ??ال ٽورنامينٽس ۾ عالمي سطح تي مقابلو ڪرڻ جو موقعو فراهم ڪرڻ جهڙن قدمن کي ساراهيو. هن ٽيم جي ڪاميابين کي ساراهيندي چيو ته اهڙا قدم هاڪي ۽ ڪٻڊي جهڙين ٻين راندين جي فروغ لاءِ پڻ کڻڻ گهرجن. صدر چيو ته جيتوڻيڪ حڪومت ڪيترائي قدم کڻي رهي آهي پر پٺتي پيل ٻارن کي صحتمند سرگرمين ۾ ??ام?? ڪرڻ جي لاءِ پرائيويٽ سيڪٽر، اين جي اوز ۽ سول سوسائٽي جي تعاون جي ضرورت آهي. هن چيو ته غير مراعت يافته ٻارن کي تعليم، تربيت ۽ ضروري هنر جي ذريعي سازگار ماحول فراهم ڪيو وڃي ته جيئن اهي پنهنجي پوري صلاحيت جو ادراڪ ڪري سگهن. صدر پاڪستان اسپورٽس بورڊ کي هدايت ڪئي ته اسٽريٽ چلڊرن کي راندين جي سرگرمين ۾ ??ام?? ڪيو وڃي ته جيئن انهن جي ڪردارسازي ۽ اعتمادسازي سان گڏوگڏ تربيت جي ذريعي انهن کي عالمي معيار جا رانديگر بڻجڻ ۾ مدد فراهم ڪئي وڃي. هن چيو ته پاڪستان راندين سان محبت ڪندڙ ملڪ آهي ۽ فٽ ??ال جي راند به ملڪ جي ڪنڊڪڙڇ ۾ هڪ جهڙي مقبول آهي. هن ان ڳالهه تي زور ڏنو ته راندين جو فروغ اسان جي نوجوانن کي ذهني دٻاءُ کي گهٽ ڪرڻ ۽ صحتمند زندگي گذارڻ ۾ مدد ڏئي سگهي ٿو. هن چيو ته ملڪ جي 60 سيڪڙو آبادي نوجوانن تي ٻڌل آهي. انهن کي جديد ترين آءِ ٽي ٽولز ۽ تربيت سان ليس هجڻ گهرجي ته جيئن اهي ملڪ جا ڪارائتا شهري بڻجي سگهن. صدر پاڪستان فٽ ??ال فيڊريشن تي پڻ زور ڏنو ته اها ننڍن ننڍن اختلافن کي هڪ طرف رکندي راند جي ترقي تي ڌيان ڏي. ان کان اڳ م??لم هينڊز برطانيا ج?? ڊائريڪٽر راجا ارسلان نصرت صدر کي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته سڄي ملڪ ۾ 15 کان وڌيڪ ڪميونٽيز ۾ 1000 کان وڌيڪ ٻار ”ٻارن جو راند جو حق“ جي نعري تحت راندين جي سرگرمين ۾ شريڪ آهن. هن ٻڌايو ته اسٽريٽ چلڊرن تي ٻڌل فٽ ??ال ٽيم قطر ۾ ٿيندڙ اسٽريٽ چائلڊ فٽ ??ال ورلڊ ڪپ ۾ حصو وٺندي. ان موقعي تي صدر قومي جهنڊو پڻ ٽيم جي ڪپتان کي ڏنو.