اسلام آباد – 12 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف گڏيل عرب امارات جي صدر شيخ محمد بن زيد النهيان جي دعوت تي اڄ اعليٰ سطحي وفد سان گڏ ٻن ڏينهن جي سرڪاري دوري تي گڏيل عرب امارات ويندو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم گڏيل عرب امارات جي صدر شيخ محمد بن زيد النهيان سان ملاقات ڪندو جنهن ۾ ٻنهي ڀ??ئر اسلامي ملڪن جي وچ ۾ اقتصادي، واپاري ۽ س??ڙپڪاري جي شعبن ۾ تعاون کي فروغ ڏيڻ ۽ يو اي اي ۾ پاڪستاني افرادي قوت جي لاءِ موقعا پيدا ڪرڻ بابت مع??مل?? بحث هيٺ ايندا. ٻئي اڳواڻ گڏيل دلچسپي جي ڪيترن ئي علائقائي ۽ عالمي معاملن تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪندا. وزيراعظم گڏيل عرب امارات جي وزيراعظم ۽ نائب صدر ۽ دبئي جي حڪمران شيخ محمد بن راشد المڪتوم سان به ملاقات ڪندو. ان موقعي تي وزيراعظم واپار ۽ س??ڙپڪاري کي وڌائڻ جي لاءِ اماراتي واپارين ۽ س??ڙپڪارن سان به ملاقاتون ڪندو.