اسلام آباد – 21 – فيبروري (اي پي پي) حڪومت ۾ شامل اتحادي پ??رٽين ضمني چونڊن ۾ حصو نه وٺڻ جو مت??قه فيصلو ڪيو آهي. اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب پنهنجي هڪ بيان ۾ چيو ته فسادي پ??رٽي ضمني چونڊون وڙهي ۽ اسيمبلي ۾ اچي وڃي. هن چيو ته فسادي پ??رٽي استعيفائن جي منظوري ۽ ڪڏهن استعيفيٰ منظور نه ڪرڻ جي لاءِ عدالتن ۾ وڃي ٿي. مريم اورنگزيب چيو ته چونڊون وڙهڻيون هيون، ايوان ۾ ئي اچڻو هو ته ??سيمبليون ڇو ٽوڙيون؟ استعيفائون ڇو ڏنيون هيون؟ فسادي پ??رٽي چڪرائجي وئي آهي ته ڇا ڪري، عدالت وڃي، اسيمبلي وڃي ??ا اليڪشن ۾ وڃي. هن چيو ته ملڪ کي ڪنهن هڪ شخص ج?? انتشار جي ور چاڙهڻ نه ڏينداسين.