پشاور – 19 – اپريل (اي پي پي) پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين ۽ پرڏيهي و??ير بلاول ڀٽ?? زرداري پيپلزپارٽي جي وفد سان گڏ جمعيت علماءِ اسلام جي مرڪزي امير مولانا فضل ال??حمان جي اباڻي رهائشگاهه عبدالخيل ۾ مذهبي معاملن واري و??ير عبدالشڪور جي لاڏاڻي تي ساڻس تعزيت ڪئي. وفاقي و??ير قمر زمان ڪائره ۽ مملڪتي و??ير فيصل ڪريم ڪنڊي پڻ پيپلزپارٽي جي چيئرمين سان گڏ هئا. بلاول ڀٽ?? زرداري ۽ وفد جي ٻين ميمبرن مفتي عبدالشڪور جي روح جي ايصال ثواب لاءِ فاتحه خواني ڪئي. جي يو آءِ (ف) جي اڳواڻ مولانا ضياءَ ال??حمان پيپلزپارٽي جي وفد جو عبدالخيل پهچڻ تي استقبال ڪيو. بلاول ڀٽ?? زرداري اڳوڻي صدر آصف علي زرداري جو خصوصي پيغام مولانا فضل ال??حمان کي پهچايو. ملاقات ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف سان حڪمران اتحاد جي ڳالهين بابت معاملا پڻ ??حث هيٺ آيا.