اسلام آباد – 23 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته ??منڊ پار پاڪستانين جي ڀلائي حڪومت جي اولين ترجيح آهي، اسلام آباد جي شهرين جي لاءِ بهترين انفراسٽرڪچر ۽ ٽ??انسپورٽ جي فراهمي لاءِ عملي قدم کڻي رهيا آهيون، سمورن ترقياتي منصوبن تي ڪم تيز ڪيو وڃي، منصوبن جي شفافيت ۽ معيار تي ڪو ٺاهه قابل قبول نه هوندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن جاري ترقياتي منصوبن خاص طور تي ٻاهرئين ملڪ رهندڙ پاڪستانين جي لاءِ رهائشي يونٽس ۽ هائوسنگ اسڪيمز جي حوالي سان اهم جائزه اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ ٻاهرئين ملڪ رهندڙ پاڪستانين جي لاءِ رهائشي يونٽس ۽ هائوسنگ اسڪيمز جي حوالي سان بريفنگ ڏني وئي. اجلاس جي شرڪت ڪندڙن سان ڳالهائيندي وزيراعظم چيو ته ??وورسيز پاڪستاني اسان جو انتهائي قابل قدر اثاثو آهن جن جي ڀلائي حڪومت جي اولين ترجيح آهي. هن چيو ته ??سلام آباد جي شهرين جي لاءِ بهترين انفراسٽرڪچر ۽ ٽ??انسپورٽ جي فراهمي جي لاءِ عملي قدم کڻي رهيا آهيون. هن هدايت ڪئي ته ??سلام آباد جي رهواسين کي عالمي معيار جون شهري س??ول??ون ڏيڻ جي لاءِ لاڳاپيل ادارا ڀرپور ڪوشش ڪن. وزيراعظم هدايت ڪئي ته ??مورن ترقياتي منصوبن جي تعمير تيز ڪئي وڃي جڏهن ته ??فافيت ۽ معيار تي ڪو ٺاهه قابل قبول نه هوندو. اجلاس کي آگاهه ڪيو ويو ته ٻاهرئين ملڪ رهندڙ پاڪستانين جي لاءِ وفاقي گادي واري شهر ۾ جديد س??ول??ن سان ليس رهائشي يونٽس تعمير ڪيا پيا وڃن. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته ??منڊ پار پاڪستانين جي لاءِ هائوسنگ اسڪيمز شروع ڪيون ويون آ??ن، انهن اسڪيمز ۾ هڪ ئي وقت ادائيگي تي اوورسيز پاڪستانين کي 15 سيڪڙو رعايت ڏني ويندي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته ??سلام آباد جي بهترين لوڪيشنز تي 45 ڪمرشل پلاٽس نيلامي جي لاءِ تيار آهن. اجلاس کي وڌيڪ ٻڌايو ويو ته ??سلام آباد جي ڳوٺاڻي علائقن جي لاءِ 10 بلين رپين جي پئڪيج تي ڪم جاري آهي جنهن سان اسلام آباد جي ڳوٺاڻي علائقن ۾ ترقي جي نئين دور جي شروعات ٿيندي. جڏهن ته ??جلاس کي ٻڌايو ويو ته ??سلام آباد ۾ ٽرانسپورٽ جو نظام بهتر بڻائڻ جي لاءِ مخ??لف روٽس تي 160 اليڪٽرڪ بسون هلايون وينديون، انهن مان 2 روٽس جي لاءِ 30 اليڪٽرڪ بسون جون جي وچ ڌاري اسلام آباد پهچي وينديون. ان کانسواءِ اجلاس کي ٻڌايو ويو ته ??سلام آباد جي شهري ۽ ڳوٺاڻي علائقن جي لاءِ گهٽ مدي وارو سالڊ ويسٽ مئنيجمينٽ منصوبو جون 2023ع ۾ شروع ڪيو پيو وڃي ۽ سالڊ ويسٽ مئنيجمينٽ جي ڊگهي مدي واري منصوبي جي حوالي سان عالمي ٽينڊر ڪيو ويو آهي. ان حوالي سان وزيراعظم هدايت ڪئي ته ??سلام آباد جي لاءِ جامع سالڊ ويسٽ مئنيجمينٽ پلان کي وفاقي ڪابينا کي منظوري جي لاءِ پيش ڪيو وڃي. اجلاس ۾ ناڻي ۽ اوڳاڙين واري وفاقي وزير اسحاق ڊار، وفاقي گهرو وزير راڻا ثناءُ الله، وزيراعظم جي صلاحڪار احد چيما، وزيراعظم جي خاص معاون طارق باجوه، قومي اسيمبلي جي اڳوڻي ميمبرن حنيف عباسي، ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري، انجم عقيل، وفاقي گهرو سيڪريٽري، ناڻي واري وفاقي سيڪريٽري، ڪيپيٽل ڊيولپمينٽ اٿارٽي جي چيئرمين ۽ ٻين لاڳاپيل سرڪاري آفيسرن شرڪت ڪئي.