اسلام آباد – 05 – جون (اي پي پي) پرڏيهي معاملن واري مملڪتي وزير ??نا رباني کر اڄ 5 جون کان 13 جون تائين ناروي، سوئيڊن، ڊينمارڪ ۽ بيلجيئم جو سرڪاري دورو ڪندي. پرڏيهي آفيس موجب پرڏيهي معاملن واري مملڪتي وزير ??نهن ملڪن جي ??وري دوران ترقي، واپار ۽ موسمياتي تبديلي جي چئلينجز ۽ مسئلي بابت تعاون تي خيالن جي ڏي وٺ جي لاءِ وزارتي سطح تي اجلاسن ۾ شرڪت کانسواءِ قانونسازن ۽ مقامي واپارين سان پڻ ملاقات ڪندي. حنا رباني کر بيلجيئم ۾ يورپي پارليامينٽ جي ميمبرن ۽ يورپي ڪميشن جي ??ينيئر عملدارن سان ملاقاتون ڪندي. سوئيڊن ۾ مملڪتي وزير پرڏيهي لاڳاپن بابت يورپي ڪائونسل جي ??الياني اجلاس ۾ اهم مقرر طور شرڪت ڪندي. هوءَ علائقائي ۽ عالمي اهميت جي مسئلن تي پاڪستان جو موقف پيش ڪندي ۽ پرڏيهي پاليسي جي ??رجيحن ۽ چئلينجز تي بحث جي لاءِ يو??پ جي اهم فيصلاسازن، ??اهرن، ??نڪ ٽينڪس ۽ اثررسوخ رکندڙ شخصيتن سان ڳالهه ٻولهه ڪندي.