اسلام آباد – 12 – جون (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته وزيراعظم شهباز شريف جي قيادت ۾ اتحادي حڪومت روس سان رعايتي قيمت تي خام تيل پاڪستان آڻڻ جو واعدو سچ ڪري ڏيکاريو، روس ما?? خام تيل جو سامونڊي جهاز ڪراچي پهچي ويو آهي جيڪو پاڪستان جي تاريخ ۾ روس ما?? ايندڙ تيل جو پهريون جهاز آهي، ان کي چوندا آهن واعدن کي پورو ڪرڻ، ملڪ ۽ قوم جا مسئلا حل ڪرڻ جي اهليت، نيت ۽ عوام جي سچي خدمت. پنهنجي ٽوئي?? ۾ ??ن چيو ته وزيراعظم شهباز شريف سدائين وانگر عوام سان ڪيل واعدن کي پورو ڪري ره??و آهي، الحمدالله هڪ سال ج?? مخلصاڻي ۽ ديانتدار محنت رنگ آڻي ره?? آهي.