اسلام آباد – 20 – جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ضلعي خيبر جي باڙه بازار ۾ ڌماڪي جي سخت مذمت ڪئي آهي. وزيراعظم ??فيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم واقعي ۾ پوليس اهلڪارن جي شهادت تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. وزيراعظم ??هيد پوليس اهلڪارن جي مغفرت ۽ گهرڀاتين جي لاءِ صبر جي دع?? ڪئي. وزيراعظم ??خمين کي بهترين طبي ??هولتون فراهم ڪرڻ جي هدايت پڻ ڪئي. وزيراعظم چيو ت?? پوليس اهلڪارن شڪي ماڻهو کي روڪي ۽ پنهنجي جانين تي کيڏي دهشتگردي جي ناپاڪ ارادن کي ناڪام بڻايو. قانون ل??ڳو ڪندڙ ادارن جا اهلڪار پنهنجي جانين تي کيڏي عوام جي حفاظت يقيني بڻائين ٿا. وزيراعظم چيو ت?? مون سميت سڄي قوم پوليس جي بهادر سپوتن کي خراج تحسين پيش ڪري ٿي.