اسلام آباد – 31 – جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شه??از شريف باجوڙ، خار ۾ دهشتگردي جي واقعي جي سوڳ ۾ سي پيڪ جي 10 سالا ت??ريبون سادگي سان ملهائڻ جو فيصلو ڪيو آهي، ان سلسلي ۾ وزيراعظم جي هدايت تي سي پيڪ کي 10 سال مڪمل ٿيڻ جي خوشي ۾ ڪلچر شو پڻ ملتوي ڪيو ويو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ موجب سي پيڪ جا 10 سال مڪمل ٿيڻ جي خوشي ۾ تقريب ڪلچر?? شو کانسواءِ سادگي سان منعقد ٿيندي. چين جو نائب وزيراعظم هي لي فينگ جي اچڻ جي موقعي تي ڪلچر?? شو منعقد ٿيڻو هو. وزيراعظم هدايت ڪئي ته قوم سوڳ جي حالت ۾ آهي، تنهن ڪري ڪلچر?? شو منعقد نه ڪيو وڃي. واضح رهي ته باجوڙ خار ۾ گذريل ڏينهن جي يو آءِ (ف) جي ورڪرز ڪنوينشن ۾ دهشتگردي سان 44 ماڻهو شهيد ۽ 200 کان وڌيڪ زخمي ٿيا هئا.