اسلام آباد- 08 سيپٽمبر (اي پي پي) تعليم ۽ پيشوراڻي تربيت واري وفاقي وزير مدد علي سنڌي چيو آهي ته اچو ته گڏجي عزم ڪريون ته اس??ن پنهنجي ڪوتاهين کي نظرانداز نه ڪنداسين ته ڪوتاهين دُور ڪري اميد جو ڏيئو روشن ڪنداسين. مختصر وقت ۾ اهڙو ڪم ڪنداسين جيڪو مثال بڻجي وڃي جيڪو ڏسي رهيا آهيون محسوس ڪري رهيا آهيون اهي ئي ڳالهيون ڪنداسين. هن وقت تا??ين 3 ڪروڙ ٻار آئوٽ آف اسڪول ڇو آهن، ٻ??رن کي تعليمي نيٽ ورڪ ?? شامل ڪرڻ لاءِ 10 کان 12 سالن جو پلان جوڙڻ جي ضرورت آهي. اهڙو اظهار هن علامه اقبال اوپن يونيورسٽي ۾ عالمي خواندگي جي ڏهاڙي جي حوالي سان رٿيل سيمينار کي خطاب ڪندي ڪيو. مدد علي سنڌي چيو ته مان علامه اقبال اوپن يونيورسٽي جي تعليمي خدمتن کان چڱيءَ ريت واقف آهيان ۽ ان يونيورسٽي جي ملڪ گير خدمتن کان مطمئن آهيان. هن عالمي يومِ خواندگي جي حوالي سان سيمينار رٿڻ تي يونيورسٽي جي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر ناصر محمود کي مبارڪباد ڏ??ي. ??لامه اقبال اوپن يونيورسٽي جي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر ناصر محمود چيو ته پاڪست??ن پنهنجي آزاديءَ جا 76 سال گذاريا پر اڄ به اسان وٽ 3 ڪروڙ ٻار اسڪول کان ٻاهر آهن جن کي اسان کي اسڪول پهچائڻو هو پر پهچائي نه سگهياسين. هن چيو ته ان ٻ??رن کي اسڪول آڻڻ لاءِ ڊگهي مدي جي منصوبي جي ضرورت آهي.