گلگت – 12 – سيپٽمبر (اي پي پي) نگران وزير??عظ?? انوارالحق ڪاڪڙ لاڳاپيل عملدارن کي گلگت ۾ مذهب جي ن??لي تي انتشار پکيڙيندڙ سمورن عنصرن جي وقتائتي نشاندهي ۽ انهن جي خلاف سخت قدم کڻڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته پاڪستان جي سمورن شهرين جي حفاظت رياست جي ذميواري آهي. وزير??عظ?? آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري پڌرائي موجب نگران وزير??عظ?? انوارالحق ڪاڪڙ کي گلگت بلتستان ۾ ترقياتي منصوبن تي اڳڀرائي ۽ امن امان جي صورتحال جي حو??لي سان بريفنگ ڏني وئي. بريفنگ ۾ نگران وزير??عظ?? کي آءِ ٽي، صحت، تعليم ۽ ٻين شعبن ۾ اڳڀرائي جي حو??لي سان آگاهه ڪيو ويو. بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته گلگت بلتستان جي سمورن ضلعن خاص طور تي ديامر ۽ استور جي ضلعن ۾ تعليم جي شعبي جي ڪيترن ئي مسئلن جي وقتائتي نشاندهي ۽ موثر حل ڪيا ويا آهن، تعليمي شعبي ۾ کنيل قدمن ۾ شاگردن کي غذائي فراهمي جي پروگرام، تعليمي عمارتن جي نئين سر تعمير ۽ خراب حال عمارتن جي بحالي، استادن جي پيشيواراڻي تربيت، جديد ٽيڪنالاجي تي ٻڌل سمارٽ اسڪولن جي تعمير وغيره سرفهرست آهن. ان کانسواءِ نگران وزير??عظ?? کي بريفنگ ۾ گلگت بلتستان ۾ صحت جي شعبي ۾ کنيل مثبت قدمن بابت ٻڌايو ويو. اجلاس ۾ ٻڌايو ويو ته گلگت بلتستان ۾ نفسياتي مرضن جي وڌندڙ رجحان جي خاتمي لاءِ 24 ڪلاڪ فعال رهندڙ هيلپ لائين قائم ڪئي وئي آهي. بريفنگ ۾ نگران وزير??عظ?? کي ما??ول??اتي ۽ سياحتي شعبن ۾ کنيل مثبت قدمن بابت آگاهه ڪيو ويو. ان کانسواءِ نگران وزير??عظ?? کي گلگت بلتستان ۾ ڪڻڪ جي پوکيءَ ۽ ان جي پيداوار تي سبسڊي جي فراهمي، گلگت بلتستان ۾ پن بجلي جي پيداوار جي حقيقي صلاحيت ۽ موجوده پيداوار ۽ بجيٽ جي صورتحال تي پڻ بريف ڪيو ويو. نگران وزير??عظ?? گلگت بلتستان انتظاميا ۽ سياسي قيادت کي سمورن موجوده ترقياتي منصوبن جي افاديت جو جائزو وٺڻ جي هدايت ڪئي. بريفنگ ۾ نگران وزير??عظ?? کي گلگت بلتستان ۾ قانون ۽ انصاف ۽ امن امان جي موجوده صورتحال جي حو??لي سان آگاهه ڪيو ويو. نگران وزير??عظ?? لاڳاپيل عملدارن کي گلگت ۾ مذهب جي ن??لي تي انتشار پکيڙيندڙ سمورن ماڻهن جي وقتائتي نشاندهي ۽ انهن جي خلاف سخت قدم کڻڻ جي هدايت ڪئي. نگران وزير??عظ?? چيو ته پاڪستان جي سمورن شهرين جي حفاظت رياست جي ذميواري آهي. اجلاس ۾ نگران گهرو وزير سرفراز بگٽي، اطلاعات ۽ نشريات وارو نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي، گلگت بلتستان جو گورنر سيد مهدي شاهه، گلگت بلتستان جو وڏو وزير گلبر خان، چيف سيڪريٽري گلگت بلتستان، آءِ جي گلگت بلتستان ۽ لاڳاپيل اعليٰ آفيسر شامل هئا.