اسلام آباد – 20 – سيپٽمبر (اي پي پي) پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ چيو آهي ته ن??ران وز??راعظم انوارالحق ڪاڪڙ جمعي 22 سيپٽمبر تي گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي اجلاس کي خطاب ڪندو. ترجمان پريس بريفنگ ?? چيو ته ن??ران وز??راعظم جنرل اسيمبلي کي پنهنجي خطاب ۾ گڏيل قومن جي ايجنڊا تي موجود پراڻي حل طلب تڪرار ڄمون ?? ڪشمير سميت ڪيترن ئي علائقائي ۽ عالمي مسئلن تي پاڪستان جو موقف بيان ڪندو. ترجمان چيو ته ن??ران وز??راعظم پاڪستان جي معاشي بحالي کي مستحڪم ڪرڻ جي لاءِ کنيل قدمن ۽ ملڪي ۽ ٻاهرئين سيڙپڪاري کي متحرڪ ڪرڻ جي ڪوششن کان پُڻ آگاهه ڪندو. هن چيو ته ن??ران وز??راعظم اڄ ڪلائميٽ ايمبيشن سمٽ 2023ع ۽ ترقي جي لاءِ فنانسنگ تي اعليٰ سطحي ڊائيلاگ ۾ شرڪت ڪندو.